پنو عاقل (ن س) ڪوٽ بلو واسي رٽائرڊ ڪاموري علم دين بلو جي نياڻي بَريرا بلو جنرل ميرٽ تي سي ايس ايس ۾ ٽاپ ٽين ۾ ڪاميابي ماڻي اي ايس پي ٿي وئي آهي. سنڌي نياڻي بريرا بُلو لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس جي پوزيشن هولڊر گريجوئيٽ آهي. بريرا بلو شايد پهرين سنڌي نياڻي آهي جنهن ٽاپ ٽين ۾ پوزيشن حاصل ڪئي آهي. جنرل ميرٽ لسٽ ۾ بريرا بُلو پاڪستان ۾ ستين ۽ سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.










