سنڌ پوليس ۾ ليگل انسپيڪٽرز جي ڀرتين تي ٻن سالن کان پوءِ مقرري نامه جاري

سنڌ پوليس ۾ ليگل انسپيڪٽرز جي ڀرتين تي ٻن سالن کان پوءِ مقرري نامه جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ عدالتي حڪمن تي ٻه سال اڳ روڪيل 41 ليگل انسپيڪٽرز جي سڌين ڀرتين جا مقرري نامه جاري ڪيا پيا وڃن پوليس ذريعن مطابق سال 2019 ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تحت سنڌ پوليس ۾ گريڊ 16 جي جڳهن تي 41 ليگل انسپيڪٽرز کي سڌي طرح ڀرتي ڪيو ويو هو انهن مان 11 ڪراچي، 17 حيدرآباد ۽ 11 جو تعلق سکر پوليس رينج سان آهي قانوني ڪارروائي کان پوءِ عدالتي حڪمن تي انهن سڌين ڀرتين کي ڪالعدم قرار ڏنو ويوهو پوليس ذريعن مطابق ان ڏس ۾ عدالت ۾ داخل پٽيشن ڊسپوز آف دي وئي آهي جنهن کان پوءِ 41 ليگل انسپيڪٽرز جي ڀرتين جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي. ذريعن مطابق 41 ليگل انسپيڪٽرز جي دستاويزن جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ٿي وئي آهي کين آفر ليٽر جاري ڪيا ويا آهن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ انهن اميدوارن جي ميڊيڪل ٽيسٽ ٿيندي جنهن کان پوءِ انهن جا مقرر نامه جاري ڪيا ويندا ۽ پوءِ سندن تربيت ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو