ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)ڪراچي مان گم ٿيل دعا زهرا جي بازيابي لاءِ سنڌ پوليس گهرو وزارت کان مدد طلب ڪري ورتي. آءِ جي سنڌ وفاقي گهرو وزارت کي خط لکي آءِ جي پنجاب کان دعاءِ زهرا جي بازيابي لاءِ سنڌ پوليس جي مدد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير جي آءِ جيز کي به هدايت ڪئي وڃي ته هو سنڌ پوليس سان سهڪار ڪن. خط جي متن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ دعاءِ زهرا کي 10 جون تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.










