سنڌ پهريون صوبو آهي جتي هائبرڊ پاليسي ٺاهي وئي: امتياز شيخ

سنڌ پهريون صوبو آهي جتي هائبرڊ پاليسي ٺاهي وئي: امتياز شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته ملڪ مان توانائي بحران جو خاتمو پاڪستان پيپلز پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پهرين ترجيح هوندي هن چيو ته توانائي بحران جي خاتمي تائين معاشي ترقي ممڪن ناهي، ملڪ ۾ معاشي ۽ توانائي بحران جي ذميوار اڳوڻي حڪومت آهي مقامي هوٽل ۾ ”سولر ڪلين انرجي ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت ۾ سنڌ حڪومت توانائي بحران جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي اڳوڻي وفاقي حڪومت سنڌ جي توانائي منصوبن کي نظرانداز ڪيو. هن چيو ته اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ پرڏيهي مالياتي ادارن جي تعاون سان توانائي جا منصوبا شروع ڪيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت صوبي ۾ 233 بنيادي صحت يونٽن ۽ 37 وڏين اسپتالن کي سولر ڪيو آهي توانائي واري وزير چيو ته سنڌ اسيمبلي ۽ سينٽرل جيل ڪراچي سميت 40 وڏين عمارتن کي سولر تي منتقل ڪيو پيو وڃي امتياز شيخ چيو ته سنڌ پهريون صوبو آهي جتي هائبرڊ پاليسي ٺاهي وئي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت بجلي جي پيداوار لاءِ بزنس ٽو بزنس تي ايم اوز تي صحيحون ڪيون آهن،توانائي واري وزير چيو ته سنڌ پهريون صوبو آهي جنهن ۾ 200000 گهر سولر ٿي رهيا آهن هن چيو ته سنڌ ملڪ ۾ متبادل توانائي ۽ قابل تجديد توانائي تي سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. سنڌ نه رڳو معدنيات سان مالا مال صوبو آهي پر هتي بجلي پيدا ڪرڻ جا وسيع موقعا موجود آهن جن مان ڀرپور آمدني حاصل ڪري سگهجي ٿي امتياز شيخ چيو ته اينگرو سان 400 ميگاواٽ جو معاهدو ڪيو ويو آهي هڪ ٻي ڪمپني سان 200 ميگاواٽ جو معاهدو پڻ ڪيو ويو آهي توانائي واري وزير چيو ته صوبائي حڪومت ڪي اليڪٽرڪ سان گڏ سولر منصوبن تي به ڪم ڪري رهي آهي. مهانگي بجلي ۽ لوڊشيڊنگ کي متبادل توانائي منصوبن ذريعي ئي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن کي دعوت ڏيندي توانائي واري وزير چيو ته صوبي ۾ توانائي جي شعبي ۾ وسيع موقعا موجود آهن. هن يقين ڏياريو ته دلچسپي رکندڙ پارٽين کي صوبائي حڪومت طرفان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو امتياز شيخ چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته سيڙپڪار ملڪ ۾ سولر ڪمپنيون قائم ڪرڻ بدران سولر سسٽم جون شيون درآمد ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته سيڙپڪارن کي منهنجو مشورو آهي ته هو مقامي سولر ڪمپنين کي ترجيح ڏين، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي توانائي بحران جو حل سولر انرجي آهي امتياز شيخ چيو ته الله تعاليٰ اسان کي بيشمار نعمتن سان نوازيو آهي. ”اسان ان مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا ،توانائي واري وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪلين ۽ سرسبز توانائي تي ٻين صوبائي حڪومتن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي امتيازشيخ چيو ته سنڌ توانائيءَ جو مرڪز آهي، ڇاڪاڻ ته صوبي ۾ گئس، تيل ۽ ونڊ ڪوريڊور سميت سڀ کان وڌيڪ قدرتي وسيلا موجود آهن. جيڪڏهن اسان توانائي جي بحران تي قابو پائي سگهون ٿا ته اسان جا سمورا مسئلا پاڻمرادو حل ٿي ويندا جنهن بعد توانائي واري وزير شمسي نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ مختلف ڪمپنين پاران لڳايل اسٽالن جو معائنو ڪيو ان موقعي تي توانائي وارو سيڪريٽري ابوبڪر مدني پڻ موجود هو……

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو