سنڌ يونيورسٽي ۾ گهوٻيون، 34 جوابدارن جي ضمانت منظور

حيدرآباد (بيورو رپورٽ)اينٽي ڪرپشن ڪورٽ سنڌ يونيورسٽي جي فنڊز ۾ مبينا گهوٻين واري ڪيس ۾ گرفتار پروفيسر اصغر هڪڙو جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي، جوابدار کي هڪ لک رُپين جا مُچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم، عدالت ڪيس ۾ نامزد ٻين 33 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ به 8 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر عدالت کان شاهديون پيش ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي، جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته يونيورسٽي مان اڃا ڪجهه رڪارڊ هٿ اچي نه سگهيو آهي، اينٽي ڪرپشن کاتي سنڌ يونيورسٽي جي وي سي سوڌو 60 کان وڌيڪ جوابدارن خلاف 71 ڪروڙ رُپين جي مبينا گهوٻين جو ڪيس داخل ڪيو هو. ياد رهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وائيس چامسلر فتح محمد برفت کي هڪ مهيني جي جبري موڪل تي روانو ڪري پروفيسر صديق ڪلهوڙو کي چارج ڏني هئي ۽ پلاننگ ڪميشن جي چيئرمين وسيم احمد جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي هئي. برفت جنهن کي 4 سالن لاءِ 2017 ۾ وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو هو تنهن عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي. ذريعن جو چون آهي ته هو هن فيملي سميت اميگريشن حاصل ڪئي آهي ۽ هو پرڏيهه نڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي. صوبي جي وڏي ۾ وڏي سنڌ يونيورسٽي ۾ مبينه ڪرپشن جو ڪيس سرڪل آفيسر ڄامشورو ساجد ڀٽو داخل ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو