حيدرآباد(بيورو رپورٽ) پوليس سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل تي ڇاپو هڻي 75 شاگردن خلاف دهشتگردي ۽ بغاوت جو ڪيس داخل ڪري ورتو. ايف آءِ آر ۾ مور شاهه، حسنين جوڻيجو، علي رضا بروهي، ثقلين سنڌي، جبار بوزدار، بهرام پنهور سميت 65 نامعلوم جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي. شاگرد اڳواڻن دعويٰ ڪئي ته 20 شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته هاسٽل مان نڪرندڙ شاگردن ملڪ خلاف نفرت پکيڙڻ جا نعرا هنيا، مظاهرين پٿراءُ ڪيو ۽ پوليس ڊيوٽي ڪرڻ ۾ مداخلت ڪئي. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته پٿراءُ ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس جي گاڏي جا شيشا پڻ ٽوڙيا ويا. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته پوليس يونيورسٽي انتظاميا جي درخواست تي سنڌ يونيورسٽي پهچي سڪيورٽي فراهم ڪئي.










