حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ايشيا جي عظيم انقلابي رهنما باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 52هين ورسي باباء سنڌ گرائونڊ ڪلهوڙا ڪالوني ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي جي صدارت ۾ ملهائي وئي. ورسي تقريب کي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي صدارتي خطاب ڪندي چيو ته باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڏاڍ، جبر کي للڪاريو. هن چيو ته سڀ کان وڏي جنگ ووٽ جي آهي، ووٽ جي طاقت سان ئي وڏيرن، ڀوتارن، پيرن، ميرن ۽ ملن کي شخصت ڏئي سگهون ٿا، سنڌ جي خوشحالي باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي فڪر ۾ آهي، سنڌ جا ماڻهو جيستائين ڪامريڊ جي فڪر تي متحد ٿي جدوجهد نه ڪندا، تيستائين خوشحالي ممڪن ناهي. هن چيو ته هارين، مزدورن، پورهيتن، مسڪينن کي پنهنجا حق ڏيڻا پوندا، تڏهن ئي ملڪ خوشحال ٿيندو. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اڄ سنڌ جا ماڻهو جيڪو ڳڀو کائي رهيا آهن، اهو بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد جو نتيجو آهي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هڪ ڪمٽمينٽ، سچائي سان اڏول ٿي پورهيتن هارين جي جنگ ڪندو رهيو، اڄ سنڌ کي متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ هاري ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي چيو ته سنڌ جا ماڻهو ڏکن، تڪليفن ۾ آهن، وقت جا حڪمران عياشي ڪري رهيا آهن، غريبن، پورهيتن جي هنن کي ڪابه پرواهه ناهي، سنڌ جي ماڻهن کي موجوده حڪمرانن مان جان ڇڏائڻي پوندي، هن وقت سنڌو درياهه تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، جيڪو سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندا. ماما يوسف لغاري چيو ته سنڌ هاري ڪاميٽي سان هر ڏکئي موڙ تي گڏ آهيون، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو اڻ ڇپيل مواد فوري طور ڇپرائي قوم آڏو آڻڻ جي ضرورت آهي، سندس فڪر کي صحيح نموني سان سنڌ جي ماڻهن ناهي سمجهيو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي حوالي سان ڳوٺ ڳوٺ ۾ پروگرام ڪرائي عوام ۾ سندس فڪر جي حوالي سان ڄاڻ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ڪتاب “ جيئي سنڌ، جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ” جو نئون ڇاپو جلد ئي ڇپرايو وڃي. جيئي سنڌ محاذ جي خالق جوڻيجو چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ زبردست ڪردار ادا ڪيو، ون يونٽ خلاف هن سڀني ڌرين سان گڏجي هلچل هلائي، هن حوالي سان ون يونٽ جي گولڊن جوبلي جو پروگرام سڄي سنڌ ۾ ڪرائڻ چاهيون ٿا، ان حوالي سان ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، سنڌ هاري ڪاميٽي جا دوست به سهڪار ڪن. هن چيو ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو ڪردار سنڌ جي ماڻهن لا فخر لائق آهي. هوڏانهن ورسي تقريب کي عوامي جمهوري پارٽي جي صدر سيد لعل شاهه، نصير مرزا، نيشنل پارٽي جي تاج مري، قومي راڳي بيدل مسرور، عوامي ورڪز پارٽي جي بخشل ٿلهو، وطن دوست جمهوري پارٽي جي عرض رتڙ، سنڌ هاري ڪاميٽي جي جبار باغي، ڪامريڊ حڪم چند، ايڊوڪيٽ اعجاز شر، ڪامريڊ قادر بخش سيلرو، عالم زيب ميمڻ، ڪامريڊ ولايت نوناري، سماجي اڳواڻ ظهير حسين حيدري، قانوندان ستار سرڪي، خليل قاضي، نهال عباسي، پورهيت مزاهمت جي نثار لغاري، نامياري ڪمپيئر الطاف جتوئي, ڪامريڊ عبدالڪريم شر، پروفيسر وجود علي، آزاد عالم لاشاري، ميرآزاد ٽالپر ۽ ٻين خطاب ڪيو اڳواڻ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا پورهيت اڄ جيڪو ڳڀي کائن ٿا اهو بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد جو نتيجو آهي بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هر محاذ تي جدوجهد ڪئي هن وڏيرن،ڀوتارن،ملن،پنڊتن کي هلائي ڇڏيو باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي چيو ته انسانيت کان مٿي ڪو نظريو ئي ناهي اهو فلسفو پورهيتن مزدور هارين جي خوشحالئ آڻي اڳواڻڻ چيو ته هن وقت سنڌ مٿان ون يونٽ کان به وڌيڪ خطرناڪ صورتحال آهي اسان کي پنهنجي وسيلن جا اختيار ناهن سنڌ جي دريا تي غيرقانوني قبضو ڪيو ويو آهي ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي معاهدو سنڌ دشمن آهي جنهن کي رد ڪريون ٿا ڌرتي اسان جي ماء آهي ۽ ماء کي بچائڻ لاء ڪنهن به حد تائين وڃي سگهون ٿا اڳواڻن چيو ته سنڌ مان ڌارين کي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي ڌارين جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائل رد ڪيا وڃن سنڌ جي وسيلن جا مالڪ اسان سنڌي آهي ڪنهن به ڌارئي کي پاڻ مٿان مسلط ٿيڻ نه ڏينداسين اڳواڻن چيو ته باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي چيو ته وڏي کان وڏي جنگ ووٽ جي آهي ته سنڌ جي ماڻهن باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ان ڳاله ڪري ووٽ جي جنگ وڏي سمجهداري سان وڙهڻي پوندي ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ سنڌ دوست ڌرين کي ووٽ وڃي ۽ ته جيئن اهي ڪاميابي ٿي عوام جي خدمت ڪن ورسي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ زراعت مڪمل تباه ٿي چڪي آهي ڀاڻ ٻج دوا جا اگه هٿرادو وڌايا ويا آهن رزعي شين جي اگهن ۾ فوري گهٽتائي ڪئي سنڌ جي پورهيتن جي خوشحالئ ۾ ئي سنڌ جي خوشحالئ آهي ورسي تقريب ۾ هيٺان قرارداد اتفاق راه سان منظور ڪيا ويا۔باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 52 ھين سالياني ورسي جي موقعي تي ھي قراردادون پاس ڪجن ٿيون:1. جاگيرداري, وڏي زمينداري, ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ٺيڪيداري نظام ختم ڪيا وڃن.2. پاڻي جي منصفانا ورڇ ڪري پڇڙي جي آبادگارن ۽ ھارين تائين جلد پاڻي پھچايو وڃين.3. پاڻي جي کوٽ سبب تباھ ٿيل فصلن جو معاوضو ھارين ۽ آبادگارن کي جلد ڏنو وڃين.4. ٻيلي کاتي جون قبضي ٿيل زمينون خالي ڪرائي ٻيلا آباد ڪيا وڃن. 5. ٽينسي ايڪٽ تي مڪمل عمل ڪرايو وڃين خلاف ورزي ڪندڙ زميندارن تي قانوني قدم کيو وڃين.6. ھاري ڪورٽون قائم ڪري ھارين جا مسئلا حل ڪيا وڃن.7. بي زمين ھارين کي زمينون الاٽ ڪيون وڃن.8. ڀاڻ, ٻج ۽ زرعي دوائن تي ھارين ۽ آبادگارن کي سبسڊي ڏني وڃين.9. ملاوٽي ۽ ناقص ڀاڻ, ٻج ۽ زرعي دوائون فراھم ڪندڙ ڪمپنين ۽ ڊيلرن جا لائيسنس رد ڪري کين سخت سزائون ڏنيون وڃن.10. ھارين جي ڀلائي لاء ھاري وئلفيئر بورڊ جوڙي ان ۾ ھارين جا نمائيندا مقرر ڪيا وڃن ۽ ھارين کي صحت ۽ تعليم جون مفت سھولتون ڏنيون وڃن.11. سنڌ مان غير ملڪي افغاني, برمي, بنگالين ۽ بھارين سميت تمام ڌارين کي جلد از جلد ملڪ مان ڪڍيو وڃين.12. سنڌ اندر غير سنڌين کي جاري ڪيل ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ رد ڪيا وڃن. 13. سنڌ اندر تعليمي نظام کي آسان بڻايو وڃين ڪاليجن ۽ يونيورسٽن ۾ لاڳو ڪيل ڳريون فيسون ختم ڪيون وڃن. 14. پرائمري تعليمي نصاب مختصر ڪيو وڃين ۽ بند پيل اسڪول جلد کولي استاد مقرر ڪيا وڃن. 15. بلڊر مافيا کي ڏنل زمينون واپس وٺي سنڌ جي بي گھر مزدورن, پورھيتن, ننڍي دڪاندارن, بيوھ عورتن, موچين, واڍن ۽ رازن کي گھرن جا پلاٽ مفت فراھم ڪيا وڃن. 16. سنڌ ريزرو ۽ ڊسٽرڪٽ پوليس مان ڊوميسائل جي آڙ ۾ ڪڍيل پوليس اھلڪارن کي بحال ڪيو وڃين ۽ پوليس کاتي ۾ ڀرتي ڪيل افغاني اھلڪارن کي سروس مان ڪڍيو وڃي. 17. بند ڪارخانن ۽ ملن کي جلد ھلايو وڃين ۽ نه ھلندڙ ڪارخانن کي قومي تحويل ۾ وٺي مزدورن جي حوالي ڪيو وڃين ۽ مقامي ماڻھن کي روزگار مھيا ڪيو وڃي. 18. سنڌ ليڊي ھيلٿ ورڪرز جي رڪيل پگھارين کي جلد جاري ڪيو وڃين ۽ کين پروموشن ڏنو وڃي. 19. لائيف سيونگ ميڊيسن جون قيمتون %80 گھٽايون وڃن. 20. سنڌ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس کي سنڌ اندر رفائن ڪيو وڃين ۽ سنڌ جي ماڻھن کي گئس فراھم ڪئي وڃين. 21. بيروزگار نوجوانن کي روزگار ملڻ تائين بيروزگاري الائونس ڏنو وڃي. 22. سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جي حيثيت ڏني وڃين. 23. سنڌ جي ريٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ٻين صوبن جيان جلد ڏني وڃي. 24. سنڌ پوليس جون پگھارون پنجاب پوليس جي برابر ڪيون وڃن. 25. سنڌ ھاري ڪاميٽي تعلقي ميھڙ جي اڳواڻ مغل لاشاري تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن. 26. سنڌ جي روڊن جي جلد مرمت ڪئي وڃين. 27. سنڌ مان عطائي ڊاڪٽرن ۽ عطائي ليبارٽرين خلاف قانوني قدم کيا وڃن. 28. مھانگائي کي ختم ڪري عام واھپي جي شين جا اگھ گھٽايا وڃن.










