ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 6 ايڊيشنل ججن عهدن جو حلف کڻي ورتو آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ نئين ايڊيشنل ججن کان حلف ورتو حلف کڻندڙ ايڊيشنل ججن ۾ علي احمد ٻوھيو محمد عبدالرحمان خادم حسين سومرو ارباب علي ھڪڙو جواد اڪبر ۽ ثنا اڪرم منهاس شامل آهن ايڊيشنل جج هڪ سال لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ڪيا ويا آهن حلف برداري واري تقريب ۾ هاءِ ڪورٽ جي سمورن ججن ۽ بار جي عهديدارن ۽ سينيئر وڪيلن شرڪت ڪئي










