ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڌندڙ بس حادثن تي سنڌ حڪومت کي پريشاني آهي، هوائي سفر جيان هاڻي بس مسافرن جي به انشورنس جو فيصلو ڪيو ويو آهي.سفر دوران حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙ مسافر جي وارثن کي پنج لک رپيا ڏنا ويندا.انشورنس پاليسي موجب ه ڪ ٻانهن يا هڪ ڄنگهه ضايعٿيڻ تي 50 کان 65 هزار رپيا جڏهن ته ٻئي ڄنگهون ضايع ٿيڻ تي 1 لک 40 هزار، ٻئي اکيون ضايع ٿيڻ تي اڍائي لک ملندا.گهٽ ۾ گهٽ رقم هڪ ڏند ضايع ٿيڻ تي 12500 رپيا رکي وئي آهي.ٽرانسپورٽ کاتي انشورنس لاءِ ڪمپنين کان درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن.انشورنس ڪمپنين کان درخواستون ويسٽ پاڪستان موٽر وهيڪل آرڊيننس 1956 تحت طلب ڪيون ويون آهن.انشورنس جي مد ۾ بس 500، ڪوسٽر 300 ۽ وين مالڪ 200 رپيا في ٽرپ ادا ڪندا.ٽرانسپورٽ کاتي جو چوڻ آهي ته 200 ڪلوميٽر تائين 10 رپيا في مسافر جڏهن ته 400 ڪلوميٽر کان وڌيڪ سفر تي 30 رپيا في سواري جي انشورنس ڪئي ويندي.










