سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف احتجاج ڪيا ويندا،ناصر شاهه

ا سلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سنڌ ڪارڊ نه، پر پاڪستان ڪارڊ جي ڳالهه ڪندا آهيون، سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف لازمي احتجاج ڪيا ويندا، سنڌ جي سُڌ سماءَ واري وزير ناصر شاهه جي اسلام آباد ۾ پ پ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ محمد ميان سومرو تي تنقيد، ناصر شاهه چيو آهي ته سنڌ کي مقرر حصي مان پنجاهه سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو ويو، نتيجي ۾ ڪجهه ضلعن اندر پيئڻ جي پاڻي جو به مسئلو وڌي ويو، سنڌ سان واسطو رکندر وفاقي وزير وزارتون بچائڻ لاءِ 18هين ترميم کي به رياست اندر رياست قرار ڏئي ڇڏيو، پاڻي کانپوءِ پي ايس ڊي پي ۾ به سنڌ کي حصو نه ملڻ تي اعتراض واريو، پي ٽي آءِ جي ناقص پاليسيز سبب سنڌ جو عوام لوڊشيڊنگ جي عذاب کي به منهن ڏئي رهيو آهي، سنڌ حڪومت بدين ۾ ڪم نه ڪيو ته ماتلي جي چونڊ ۾ مخالفن کي شڪست ڪيئن ملي؟ عوام وري به پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو، ھن چيو تھ سنڌ حڪومت مظاهرين کي نه روڪيو، روڪيون ها ته ايترا مظاهرين ڪيئن پهچن ها، احتجاج جو حق آهي، بدمعاشي جو نه، بدمعاشي جي اجازت نھ ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو