ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت چئن ڊويزنن جي 20 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سکر ڊويزن ان ۾ شامل ناهي. ڪراچي جي 6 ئي ضلعن، حيدرآباد ڊويزن جي ٺٽو سجاول، بدين، مٽياري، ٽنڊو الله يار، ٽنڊو محمد خان، ڄامشورو، دادو ۽ حيدرآباد ضلعا شامل آهن. ميرپورخاص ڊويزن جي عمر ڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص ضلعا شامل آهن. شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۽ سانگهڙ کي جزوي طور آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي. ان بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. مرتضيٰ وهاب ٽوئيٽ سان گڏ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو آهي.
سڀني ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي چيو ويو آهي ته نقصان جو اندازو لڳائي رپورٽ ڏيو ته جيئن متاثرن جي مدد ڪري سگهجي.










