سنڌ حڪومت ھارين ۽ آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪوب قدم ناھي کنيو: سردار عبدالرحيم

سنڌ حڪومت ھارين ۽ آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪوب قدم ناھي کنيو: سردار عبدالرحيم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ته سنڌ جي ھارين لاء اعلان ڪيل ھاري ڪارڊ سياسي ڊرامي بازي کانسواء ڪجھ ب ناھي، ٻوڏ متاثرن جي گھرن جي اڏاوتن لاء رکيل اربين رپين جا فنڊ ھڙپ ڪرڻ کانپوء ھاڻي ھارين جي نالي تي ڪرپشن جي نئين بازار کولي پئي وڃي، پھرئين ڳالھ ت ھارين وٺ پنھنجي زمين آھي ئي نه ته پوءِ ستين فارم جو شرط ڪئين رکيو ويو آهي، پنھنجي جاري بيان ۾ سردار عبدالرحيم وڌيڪ چيو ته ڪجھ ماڻھن کي خدشا آهن ھارين کان ستون فارم وٺي انھن کي زمينن کان به محروم ڪيو ويندو، ھارين جي نالي تي رقم من پسند ماڻھن ء جيالن کي نوازڻ ء ڪرپشن لاء خرچ ڪئي ويندي، ھن چيو ته سارين جي غير معياري ٻج سبب جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، ڪشمور، ٺٽي ۽ بدين ۽ خيرپور ۽ ٻين ضلعن ۾ 60 سيڪڙو فصلن ۾ چانور ئي ناھن، جنھن ڪري آبادگارن کي اربين رپين جو نقصان ٿيو آھي، پر ھيل تائين سنڌ حڪومت ء زراعت کاتي ھيل تائين ھارين ۽ آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاء ڪوب قدم ناھي کنيو، ھن وڌيڪ چيو ته زرداري ليگ سنڌ جي غيرتمند عوام کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جي زراعت کي ڄاڻي واڻي تباھ ڪرڻ چاھي ٿي، اسان جو مطالبو آھي ته اتر سنڌ جي سمورن ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي فصلن جو معاوضو ڏنو وڃي ۽ ھارين جي نالي تي سياسي ڊرامي بازي بند ڪري ھارين کي انصاف ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو