لاڙڪاڻو (رپورٽر) پيپلزپارٽي اڳواڻ نثار احمد کهڙي چيو آهي ته سنڌ حڪومت قدرتي آفت جو مقابلو ڪري رهي آهي، اسان کي متاثرن جي تڪليفن جو احساس آهي. لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته لکين ايڪڙ فصل ٻڏي ويو آهي، برساتي پاڻي سنڌ حڪومت لاءِ وڏو چيلينج آهي.نثار احمد کهڙي جو چوڻ هو ته هن ڏکيو وقت سياست بدران متاثرن جي مدد ڪرڻ جو وقت آهي، سرندي وارا ۽ فلاحي ادارا به بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت پڻ رليف وارن ڪمن ۾ رڌل آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ٻوڏ واري صورتحال ۾ عمران خان جلسا ڪري ڪوڙيون دعوائون ڪرڻ ۾ رڌل آهي. هن چيو ته جن جا گهر ڊهي پيا آهن اهي فارم ڀري انتظاميا کي ڏين، جنهن بعد کين معاوضو ڏنو ويندو.










