سنڌ حڪومت درگاهون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ حڪومت درگاهون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي جون سموريون مزارون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ڪورنا ڪيسن ۾ واڌ جي لهر سموري پاڪستان کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ به ڪورونا جي شدت ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي.ان حوالي سان اوقاف  کاتي جي وزير سهيل انور سيال جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾  سڄي سنڌ ۾ مزارون ۽ درگاهون 28 مارچ کان بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.سهيل انور سيال چيو ته سنڌ حڪومت سڀاڻي کان ٻيهر مزارون  ۽ درگاهون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ سڄي صوبي جون درگاهون 8 اپريل تائين بند رهنديون. جڏهن ته صوفي بزرگ حضرت قلندر لعل شهباز جو ساليانو عرس به ملتوي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو