سنڌ حڪومت جو حڪم هوا ۾، پورھيت ماھوار اجرت وٺڻ ۾ ناڪام،احتجاج

سنڌ حڪومت جو حڪم هوا ۾، پورھيت ماھوار اجرت وٺڻ ۾ ناڪام،احتجاج

ڏھرڪي (ن سنڌيار) سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن موجب پورھيت جي اجرت ماھوار 25000 روپيہ واري حڪم تي اڃا تائين عمل نہ ٿي سگھيو آھي، ڏھرڪي جي اينگرو ڀاڻ فيڪٽري جي انتظاميہ پنھنجي ھوڏ تي قائم آھي انتظاميہ جي اھڙي عمل خلاف اينگرو فرٽيلائيزر ڪنٽريڪٽرز ورڪرز يونين سي بي اي ڏھرڪي جي پورھيتن اينگرو فرٽیلائیزر لميٽيڊ ڏهرڪي جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي پورھيت اڳواڻن جنرل سيڪريٽري رانجھن سميجو، عبدالفتاح ملڪ، محمد رمضان سميجو اخلاق احمد ملڪ ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ حڪومت طرفان پورھيت کي گھٽ ۾ گھٽ اجرت 25 ھزار ڏيڻ واري نوٽيفيڪيشن جاري ٿيڻ باوجود اينگرو فرٽیلائیزر لميٽيڊ ڏهرڪي جي انتظاميہ عمل ڪرڻ بجاءِ پنھنجي ھوڏ تي قائم آھي جنھن سبب پورھيت سخت پريشان آھن. پورھيت جي گھر جو گذر سفر ڏکيو ٿي ويو آھي اڄ ڪيترائي پورھيت مالي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھن پر انتظاميہ سنڌ حڪومت جي نوٽيفيڪشن تي عمل ڪرڻ بجاءِ پنھنجي ھوڏ تي قائم آھي. ۽ اينگرو انتظاميا مينيمم ويجيز 25,000 واري نوٽيفڪيشن تي ايريا جي ليبر آفيسر آسرا ڏيئي لولي پوپ ڏيئي ڇڏيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو