ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر (Naji Ben hassine) جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد خميس ڏينهن سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ سان ملاقات ڪئي.ملاقات دوران سستي بجلي ۽ سولر انرجي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته ورلڊ بينڪ جي وفد سان ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته منصوبي تحت 2 لک سولر سسٽم رعايتي شرح تي فراهم ڪيا وينداهن چيو ته منصوبي تحت منصوبي جو دائرو 10 ضلعن مان وڌائي سڄي سنڌ تائين وڌايو پيو وڃي، امتياز شيخ چيو ته عالمي بئنڪ جي وفد سان ٿيل ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ٻهراڙي وارن علائقن لاءِ 160 آمريڪي ڊالر في يونٽ في گهر سبسڊي مقرر ڪئي وئي آهي ۽ شهري علائقن لاءِ 110 آمريڪي ڊالر في يونٽ في گهر سبسڊي مقرر ڪئي وئي آهيورلڊ بينڪ جي وفد سنڌ ۾ توانائي جي شعبي ۾ جاري منصوبن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، اجلاس ۾ سيڪريٽري توانائي سنڌ ابوبڪر مدني ۽ سنڌ سولر پروجيڪٽ جي پي ڊي قاضي محفوظ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسر پڻ شرڪت ڪئي.










