ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته ڪراچي جي ڄاٻي گهرندڙ شهر کي ورهائڻ ۽ لساني سياست ۾ ڌڪڻ چاهين ٿا.پنهنجي بيان ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو ته ڪراچي جي چاٻي گهرندڙ ياد رکن شهر جي عوام هاڻ ڪنهن به سياسي بليڪ ملينگ ۾ نه ايندو، ٽائونز ۽ ڊويزن جو راڳ آلاپيندڙ ڪراچي کي ٻيهر ورهائڻ ۽ لساني سياست طرف ڌڪڻ چاهين ٿا.هن چيو ته ملڪ بچائڻ جا نعرا لڳائيندڙن جو اصل مقصد پنهنجي ڪرندڙ سياست کي سهارو ڏيڻ ۽ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ سياسي فائدو حاصل ڪرڻ آهي. بلدياتي نظام تي ليڪچر ڏيندڙ پهريان پنهنجي دور ۾ ميئرشپ ۽ مالي معاملن بابت اٿندڙ سوالن جو جواب ڏين.سعديه جاويد جو چوڻ هو ته سنڌ کي ورهائڻ جا خواب ڏسندڙ ٻڌي وٺن ته صوبي جي وحدت ۽ سرحدون ورهائڻ جوڳيون نه آهن. آرٽيڪل 140 اي ۽ عدالتي فيصلن جي من پسند تشريح ڪندڙ پنهنجي قانوني ڄاڻ کي صحيح ڪن. سنڌ حڪومت آئيني گهرجن تي عمل ڪري رهي آهي.ترجمان چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي کربين روپين جا ترقياتي ۽ ميگا منصوبا ڏنا آهن. ترقياتي ڪمن تي فوٽو سيشن ۽ سياست چمڪائڻ سان حقيقتون تبديل نه ٿينديون. سنڌ جي بجيٽ تي آڱريون کڻندڙ پهريان ٻڌائين ته وفاقي حڪومتن جو حصو رهندي انهن ڪراچي جي لاءِ عملي طور تي ڇا ڪيو؟ هن چيو ته پيپلز پارٽي شهري ۽ اندرون سنڌ جي هڪ جهڙي ترقي تي يقين رکي ٿي، صوبي جي ضلعن ۽ بلدياتي ادارن کي وسيلا فراهم ڪيا پيا وڃن. ڪراچي جي عوام باشعور آهي، نفرت، لسانيت ۽ محرومي جي سياست ذريعي انهن کي وڌيڪ گمراهه نٿو ڪري سگهجي. سعديه جاويد چيو ته فوج ۽ رياستي ادارن جو نالو سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ جو پراڻو اسڪرپٽ هاڻ نه هلندو.










