سنڌ جي 27شگرز ملز جي فنانشل آفيسرز کي نوٽيسز جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اندر کنڊ اسڪينڊل جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي، ايف آءِ اي سنڌ جي 27 شگرز ملز جي فنانشل آفيسرز کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، ڪين ڪمشنر سنڌ کي به نوٽيسز جاري ڪري تفصيل طلب، ڪراچي جي عدالت ۾ ايف آءِ اي طرفان جمع ڪرايل اڳڀرائي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شگر ملز بااثر شخصيتن جي ملڪيت آهن، مني لانڊرنگ ۽ بي نامي اڪائونٽس جي استعمال بابت بئنڪس کان به تفصيل طلب ڪيا ويا، ڊيلرز طرفان شگر ملز کان کنڊ خريد ڪرڻ بابت تفصيل به طلب، ڪين ڪمشنر سنڌ کي 2019ع کان 21 تائين نوٽيفائيڊ شگر پرائيس لسٽ به پيش ڪرڻ جي هدايت، ڪراچي جي عدالت شگر اسڪينڊل ۾ گرفتار 7 جوابدارن کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايف آءِ اي کي عبوري چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو