سنڌ جي ٻيٽن واري قانون جي مخالفت ڪنداسين، بلاول

سنڌ جي ٻيٽن واري قانون جي مخالفت ڪنداسين، بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ لاءِ جوڙيل اٿارٽي جي صدارتي آرڊيننس جي هر فورم تي مخالفت ڪنداسين. هن چيو ته مان پڇڻ ٿو چاهيان ته  والاريل ڪشمير بابت مودي سرڪار جي قدم ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي بابت حڪمن ۾ ڪهڙو  فرق آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آرڊيننس خلاف سنڌ اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڀرپور مخالفت ڪئي ويندي. هن صدارتي آرڊيننس جي مذمت ڪئي نه وري ڪو سخت لهجو اختيار ڪيو. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن چيو  آهي ته جڏهن کان پيپلز پارٽي اي پي سي گهرائي آهي ته صدر زرداري جي عدالتي پيشين ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو