ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو ۽ جنرل سيڪريٽري اسد علي شيخ سنڌ جي وحدانيت خلاف هلندڙ مبينا سازشن، ڪراچي صوبي جي قيام ۽ سنڌ کي ورهائڻ وارين تجويزن کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي وحدانيت سنڌي قوم جي بقا، سڃاڻپ ۽ مستقبل سان لاڳاپيل معاملو آهي، جنهن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي.










