ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ ۾ ٻوڏ کي هڪ مهينو گذري ويو آهي، پر هن وقت تائين ڪيترائي متاثر کليل آسمان هيٺ بيوس آهن، ڪنهن کي خيمه ۽ راشن ناهي مليو، ڪي ٻارن جي علاج لاءِ پريشان آهن ته ڪي کولرا ۽ مليريا سبب پريشان آهن. واڙ کان سيوهڻ تائين لکين متاثرين امداد جي منتظر آهن. بدين، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ به متاثرن امداد جا ڏهاڙا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا، هنن چيو ته مرڻ مهل ئي کين رحم ايندو. دادو ۾ گيسٽرو ۽ مليريا سبب فوتين جو انگ 26 ٿي ويو آهي.










