سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پوليو مهم بابت جاڳرتا ريليون

ڪراچي (نمائندن وٽان) 16 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي حوالي سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ جاڳرتا ريليون ڪڍيون ويون. مانجهند مان مهراڻ عمراڻي مطابق اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران پوليو بابت جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي جيڪا تعلقه اسپتال کان شاهي بازار تائين ڊسٽرڪٽ پوليو آفيسر ڄامشورو ۽ ايم ايس مانجهند اسپتال ڊاڪٽر نورالله لاڙڪ، پروگرام انچارج ڊاڪٽر مرتضيٰ کوسو، ڊاڪٽرخدا بخش کوسو، گهرام کوسو جي اڳواڻي ۾ واڪ ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته پوليو هڪ خطرناڪ مرض آھي جنهن خلاف جنگ وڙھڻ ۾ عملي ۽ عوام کي ڪوشش ڪرڻي پوندي 16 ڊسمبر کان 20 ڊسمبر تائين پوليو ٽيمن سان تعاون ڪري هر ٻار کي پوليو جا قطرا پيارڻ گهرجن سندن ترتيب ڏنل ٽيمون جهر جهنگ پهچي پوليو جا قطرا پيارينديون. *** خانپور مهر مان آفتاب سيال مطابق شيخ همدان بن محمد تعلقه اسپتال خانپور مھر جي  ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران پوليو مهم جي حوالي سان جاگرتا ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر عرفان علي چاچڙ، ڊاڪٽر عمران علي، ڊاڪٽر محمد يعقوب، ڊاڪٽر شاھ پسند خان، امرلال سيجواڻي، عالم خان سيال، خالد حسين ڪليم الله ڪري رهيا هئا.

*** صوڀوديرو مان مظهر نعمت منڱڻيجو مطابق سڳيون ۾ پي پي ايڇ آءِ اسپتال طرفان پوليو مھم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڊي ايم عارف علي عباسي ۽ انچارج ڊاڪٽر عامر سهتو جي سربراهي ۾ هڪ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ڊي ايڇ او خيرپور محمد حسن ابڙو، پوليو ڊويزنل آفيسر ڊاڪٽر اڪبر حسين گهانگهرو، ٽي ايڇ او ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ ، ڪو آرڊينيٽر امتياز حسين وساڻ، ڊاڪٽر اعجاز احمد،ريٽائرڊ ڊاڪٽر غلام سرور شيخ، مختيار ڪار سوڀوديرو سميت ضلعي جي ٻين ڪيترن ئي آفيسرن پي پي ايڇ آءِ اسپتال کان پيادل ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي مين چونڪ تي پھتي. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 16ڊسمبرکان 20 ڊسمبر تائين پنهنجن 5 سالن کان گهٽ عمر وارن معصوم ٻارڙن کي پوليو جا ٻه قطرا ضرور پياريا وڃن ته جيئن هو سڄي عمر جي معذوري کان بچي سگهن. اسان جي ملڪ ۾ هن وقت تائين پوليو جا 98 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي ملڪ مان اڃان پوليو وائرس ختم ناهي ٿيو. سڳيون ۾  پوليو جي جاڳرتا مهم ريلي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ تعلقي صوڀوديرو جي 200 کان مٿي ليڊي هيلٿ ورڪرز به ريلي ۾ شرڪت ڪئي ۽ سڳيون جي مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ شهرين سماجي ورڪرن ۽ صحافين سرڪاري صحت مرڪز مان ريلي ڪڍي شهر جي مين بازار مختلف چوڪن کان ٿيندي رھبر چوڪ پھچي ۽ شهرين کي پيغام ڏنو ته پوليو جي ٽيمن سان سھڪار ڪري پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پياري سڄي زندگي جي معذوري کان بچائي سگهن. *** شڪارپور مان عبدالخالق سومرو مطابق پوليو مهم جي تياريءَ بابت ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي اي ڊي سي ون علي رضا انصاريءَ جي صدارت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ٿي گذري.

گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪندي اي ڊي سي ون علي رضا انصاريءِ چيو ته هن دفعي هي پوليو مهم 6 مهينن کان پوءِ ٿي رهي آهي ۽ هن دفعي چيف سيڪريٽري سنڌ جون واضح ۽ سخت هدايتون آهن ته پوليو مهم ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي وڃي. هن چيو ته ملڪ اندر وڌندڙ پوليو ڪيسن سبب هي مهم اهميت اختيار ڪري وئي آهي ۽ هن مهم دوران ڪنهن به اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيار ڪار کي پوليو ٽائيمنگ دوران عام رواجي گڏجاڻي نه ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجو سڄو ڌيان پوليو مهم تي رکڻ گهرجي. هن چيو ته سڀئي تپيدار پنهنجي لاڳاپيل فيلڊن ۾ پوليو ٽيمن جي مدد ڪن ۽ صبح جو سوير پوليو مهم شروع ڪرڻ کان پهرين اسسٽنٽ ڪمشنر پوليو ايريا انچارج ۽ تعلقه انچارجن سان گڏجاڻي ڪن ۽ بعد ۾ پوليو مهم جي ٽيمن جي مانيٽرنگ ڪئي وڃي. هن چيو ته اڳئين مهم ۾ تعليم کاتي ۽ لوڪل گورنمينٽ جي عملدارن پاران ٽريننگ ۽ پوليو مهم ۾ حصو نه وٺڻ جون شڪايتون مليون آهن ۽ هن دفعي اهڙي ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو