سنڌ جي سورن جي ڪنهن در ڏجي دانهن

ليکڪ  جاويد سولنگي

چارلس نيپئر جي دور کان وٺي سنڌ مختلف طرحن جي سورن ۽ دردن جي ستايل رهندي پئي اچي. ڀٽائي، سچل، ساميءَ، شاندارماضي، سھڻي ثقافت، خوشحالي، امن ۽ ڀائيچاري جو محور رهندڙ هيءَ ڌرتي اڃ سورن جي وَرِ چهڙيل آهي. ڪي سور پنهنجن جا ته ڪي وري ڌارين پاران ڏنل آهن. قدرتي وسيلن سان مالامال سنڌ امڙ ھٿرادو بک، بدحالي، بيروزگاريءَ ۽ شدد پسنديءَ کي منهن ڏئي رهي آهي. سنڌ جي صدين تائين پکيريل غلامي مان ذهني ۽ سياسي طور تي جان ڇڏائڻ ۽ سنڌ جي قدرتي وسيلن تان قبضا ختم ڪرائڻ ، هڪ هٿ مان ڪڍي ڪري گھڻن هٿن ۾ ڏيڻ جو موقعو اسان پاڻ سياست جي نظر ڪري بس ڌارين ۽ پنهنجا نوازيءَ ئي ڪندا رھياسين ۽ سنڌ کي سنڌين کان اڻ واقف ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ضايع ڪندا رھياسين. هڪ پاسي سنڌ آهي، سنڌ جي زمين آهي ته ٻئي پاسي سنڌ سان ناانصافي آهي.پاڪستان جو صوبو ھوندي بہ سنڌ کي ڪٿي به ڪنهن به قسم جو فائدو ناهي ڏنو ويو. پوءِ ڇونه اهي زرعي توسيع هجن، صنعتي توسيع هجن. انهن جي نتيجي ۾ انساني ۽ قدرتي وسيلن جي گھڻائي جي اعتبار سان جيتري گھٽ ترقي سنڌ ۾ ٿي آھي شايد ئي اهڙي ڪٿي ٿي هجي. ناانصافين جي ڊگھي فهرست آهي جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. ان جو هڪ ننڊڙو مثال ڌارين جي لوڌھ آهي جنهن اسان جي وسيلن سان گڏ اسان جي روزگار تي به قبضو ڪيو آهي، ڪجھ ڏينهن پهريان گھوٽڪي ضلعي اندر ماڙي گئيس ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري پنجاب مان 40 انجينئر تربيت لاءِ گھرايا ويا ان جي باوجود ته پهريون هڪ مقامي ماڻهن جو آهي. اهڙي صورتحال ڇو آهي؟ منهنجي خيال ۾ ان جا ڪيترا ئي سبب آهن، سڀ کان پهريان تڪ جي ايم اين آي، ايم پي جي غيرضميوار رهڻ ۽ پنهنجي تڪ جي مسئلن ۽ ناانصافين کان لاتعلق رهڻ يا وري انهن کي نظرانداز ڪرڻ، ضلعي آفيسر جو غير جانبدار نه هجڻ، علائقي جي ماڻهن کي اهليت جي بنياد تي اهميت نه ڏيڻ ۽ پنهنجو فائدو حاصل ڪرڻ. سنڌ ۾ پي پي جي حڪومت تقريبن 14 سالن کان قائم آهي پر اه به هن معاملي تي ڪو خاص قانون يا حڪمت عملي ناهي جوڙي سگھي. مڃيوسين ٻين حڪومتن کان پي پي جي حڪومت سنڌ لاءِ ڪوشان آهي پر ان ڏس ۾ اڃا هن کي گھڻو ڪجھ ڪرڻو آهي. وفاقي حڪومت جو سنڌ ڏانهن رويو هميشه ڌاري ماءَ وارو رهيو آهي جنهن کي پنجاب کان سواءِ ٻيو ڪو صوبو نظر ئي ناهي ايندو. بس اسان جو ان کي جيڪڏهن ڪجھ نظر ايندو آهي ته اهو آهي ڪالا باغ جو انڪار. پاڻي معاملو هجي، قومي مالياتي ايوارڊ هجي يا وري وفاق ۾ سنڌ جي نوڪرين جي ڪوٽا سسٽم جو معاملو هجي وفاق هميشه ان تي پنهنجيون اکيون بند ئي رکيو آهي. عدالتن جو رويو نه سنڌ ڏانهن اڻ وڙندڙ رهيو آهي.ان جا تازو مثال ماهوٽا پيلس آهي.هي هڪ سنڌ جو تاريخي ورثو رهيو آهي پر عدالت سڳوري ان ۾ ڊينٽل ڪاليج کولڻ جو حڪم صادر فرمايو آهي. هن قبضي خلاف سنڌ حڪومت کي اعليٰ عدالت جو دوازو کڙڪائڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪو ڪاليج کولڻو ئي آهي ته جن اعلان ڪيا هيا ته اسان وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بڻائينداسين، گورنر هائوس جا دروزا عام ماڻهن لاءِ کولي ڇڏينداسين، پهريان انهن واعدان تي عمل ڪرائي اتي يونيورسٽي قائم ڪرايو. اسان وڃو ته وڃو ڪيڏانهن. سنڌ جي سورن جي ڪنهن در ڏيو دانهن؟ زمين جي ڀرلٽ، قدرتي وسيلن تي قبضا، ڌارين جي لوڌھ، ھرجاءِ تي بدعنواني، پنهنجا نوازي، ضمير جو وڪرو، جائز ڪم لاءِ بہ رشوت جي بازار گرم، تعليمي نظام جي تباھي، صحت جون اڻ پوريون سھولتون،  اهليت فقط پارٽي ورڪر، اخلاقيات جي کوٽ، اصلاح لاءِ تنقيد ناقابلي قبول، انتظامي معاملن کي ھلائڻ جي کوٽ، چور کي چوڪيداريءَ ڏيڻ. پران جي باوجود سنڌ جا معدني وسيلا ۽ ملڪيت اڻ کٽ آھن، ايڏين ناانصافين جي باوجود سنڌ اڄ بہ خوشحال آهي. چوندا آهن ته نااميدي ۽ مايوسي گناھ آهي، ان لاءِ اسان کي به پر اميد رهڻ سان گڏ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي. منهنجي خيال ۾ ان لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال بهترين اوزار طور ڪري سگھجي ٿو ۽ ان مان فائدو پڻ حاصل ڪري سگھجي ٿو. ضرورت ان امر جي آهي ته اسان پاڻ ۾ متحد رهون ۽ پنهنجا اختلاف وساري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ترقي،خوشحالي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهو. نيٺ هي ڌوڪي جي ديوار ڪري ڀورا ڀورا ٿي ويندي ۽ سنڌ جا سڀئي سور،در هڪ لحظي ۾ لهي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو