ڪراچي (نمائندن وٽان) گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو پيو وڃي، پي ايم اي، نرسز ۽ ڊاڪٽرز جي احتجاج سبب اسپتالن ۾ ايندڙ مريض توڙي سندن وارث رلي ويا، پيراميڊيڪل عملي، نرسز ۽ ڊاڪٽرن جي احتجاج سبب علاج لاءِ ايندڙ مريض رلي ويا آهن، مريضن ۽ سندن وارثن جو چوڻ آهي ته هر آءِ ڏينهن ڪو نه ڪو احتجاج هوندو آهي،

اسان ته رلي ويا آهيون، پرائيويٽ اسپتالن ۾ مهانگو علاج ٿئي ٿو، سنڌ سرڪار کي اپيل آهي ته ڊاڪٽرز جا مطالبا پورا ڪري او پي ڊيز کي کولرايو وڃي، جڏهن ته گرينڊ هيلٿ الائنس جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حڪومت اسان جي مطالبن طرف ڌيان نه پئي ڏئي،

ڪورونا اڃان تائين جاري آهي، اسان کان هنگامي ڊيوٽيون به ورتيون پيون وڃن، رسڪ الائونس سميت مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو. سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ هڙتال آهي، ملازمن اسپتالن آڏو احتجاجي مظاهرا به ڪيا.










