سنڌ جا خدشا ختم نه ٿيا ته نتيجا قبول نه ڪيا ويندا:اي پي سي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي ميزبانيءَ ۾ ڊجيٽل آدمشماري ۽ سنڌ جي خدشن جي موضوع تي رٿيل گهڻ جماعتي ڪانفرنس ۾ شريڪ سياسي، مذهبي ۽ قومپرست جماعتن سميت اديبن ۽ ليکڪن گڏيل طور تي اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن آدمشماري بابت سنڌ جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته سنڌ پاران ان جا نتيجا قبول نه ڪيا ويندا. ڪانفرنس ۾ شريڪ جماعتن مطالبو ڪيو آهي ته آدمشماري جو مدو وڌائي سنڌ کي درست ڳڻيو وڃي ۽ آدمشماري ۾ موجود خامين کي ختم ڪري غير ملڪي پرڏيهين کي الڳ خاني ۾ رکيو وڃي. جڏهن ته ڪانفرنس سنڌ جي وڏي وزير کي اختيار ڏنو ته هو آدمشماري واري معاملي تي وفاق سان ڳالهائي سنڌ جا خدشا ختم ڪرائي ۽ پاڪستان کي ٻه ٽڪرا ٿيڻ کان بچائي. اهڙو اعلان جمعي ڏينهن ڪراچيءَ جي مقامي هوٽل ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي ڪانفرنس جي ختم ٿيڻ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. جڏهن ته ڪانفرنس جي صدارت پي پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙي ڪئي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خصوصي شرڪت ڪري ڪانفرنس کي بريفنگ ڏني. ڪانفرنس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، سيد ناصر شاهه، سعيد غني، سسئي پليجو، مسلم ليگ ن جو کيئل داس ڪوهستاني، جي يو آءِ جو مولانا راشد محمود سومرو، اي اين پي جو شاهي سيد، سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جو ڊاڪٽر قادر مگسي، سني تحريڪ جو آفتاب قادري، جماعت اسلامي جو اسامه رضي، جي يو پي جي محمد حليم غوري سميت عوامي ورڪرز پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، ليکڪ نظير لغاري، سگا جي ولي محمد ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ سميت مختلف اڳواڻن شرڪت ڪري خيالن جو اظهار ڪيو. ڪانفرنس ۾ ڊجيٽل آدمشماري تي مختلف جماعتن جي اڳواڻن پنهنجي خدشن جو تفصيلي اظهار ڪيو ۽ گڏيل طور تي پڌرائي منظور ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ نثار کهڙي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊجيٽل آدمشماري تي سنڌ کي بيشمار خدشا آهن، شناختي ڪارڊ جو شرط ختم ٿيڻ سان اِها ڪيئن خبر پئجي سگهندي ته ڪير پاڪستاني آهي؟ ڪير غيرقانوني پرڏيهي آهي؟ ان لاءِ غيرملڪي غيرقانوني پرڏيهين لاءِ الڳ خانو رکيو وڃي. هن چيو ته آدمشماري جو مدو ۽ وقت وڌايو وڃي ۽ سنڌ جي سڀني ماڻهن کي ڳڻيو وڃي. هن چيو ته گهر شماري ۽ آدمشماري لاءِ ڏاڍو گهٽ وقت ڏنو ويو آهي ڇاڪاڻ ته فارم ڀرڻ ۾ 35 منٽن کان وڌيڪ جو وقت لڳي رهيو آهي ته پوءِ ايتري گهٽ وقت ۾ سڀئي ماڻهو ڪيئن ڳڻي سگهبا. هن چيو ته ڊجيٽل ٽيبليٽ صحيح نموني ڪم نه ڪري رهيا آهن نه ئي ايپ ڪم ڪري رهي آهي ائين نه ٿئي ته هيءَ ڊجيٽل آدمشماري آر ٽي ايس وانگر بيهجي نه وڃي. هن چيو ته سنڌ جا لکين ٻوڏ متاثر جيڪي گهرن کان محروم آهن انهن سڀني کي نادرا ڊيٽا جي مدد سان ڳڻيو وڃي ۽ جن گهرن کي ڳڻيو پيو وڃي ته انهن گهراڻن کي رسيد به ڏني وڃي ته جيئن اها خبر پئجي سگهي ته ڪيترائي ماڻهو ڳڻيا ويا ۽ آدمشماري جي ڊيٽا سنڌ سان به شيئر ڪئي وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن آدمشماري بابت اِهي سڀ خدشا ختم نه ڪيا ويا ته سنڌ هن ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن کي قبول نه ڪندي. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ اڳواڻن پاران وزيراعليٰ سنڌ کي چيو ويو آهي ته هو هن معاملي تي وفاق سان ڳالهائي سنڌ جا خدشا ختم ڪرائي ۽ پاڪستان کي ٻه ٽڪر ٿيڻ کان بچائي. نثار کهڙو چيو ته پاڪستان هن وقت به آدمشماري جي پراڻي عارضي لسٽ تي بيٺل آهي، ٻن صوبن جون چونڊون پراڻي آدمشماري ۽ باقي ملڪ ۾ نئين آدمشماري تي چونڊون ڪيئن ڪرائي سگهجن ٿيون؟ ان لاءِ اسان جو مطالبو آهي ته نيئن آدمشماري وارو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته ٻن صوبن ۾ پراڻي ۽ وفاق سميت باقي ٻن صوبن ۾ نئين آدمشماري تي چونڊون ڪرائڻ ڇا پاڪستان کي ٻه ٽڪر ڪرڻ جي شروعات آهي؟ هن چيو ته سنڌ کي 2017ع واري آدمشماري تي به سخت اعتراض هيو ۽ هاڻي هن ڊجيٽل آدمشماري تي به اعتراض آهي ان لاءِ خدشا ختم ڪري سنڌ جي درست ڳڻپ ڪئي وڃي. ان کان اڳ ڪانفرنس کي بريفنگ ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ 2017ع جي آدمشماري تي سخت اعتراض واريا هئا ان لاءِ ماضيءَ جي حڪومت سي سي آءِ ۾ نئين آدمشماري جو فيصلو ڪرايو. هن ٻڌايو ته آدمشماري ٿيڻ گهرجي پر اهڙي آدمشماري نه ٿئي جهڙي 2017ع ۾ ٿي هئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي درست ۽ شفاف نموني آبادي ڳڻي وڃي ته پوءِ ڪنهن کي به اعتراض نه ٿيندو ۽ اهڙيون ڳالهيون تہ آدمشماري نه ٿئي اِهو ڪو حل ناهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته آدمشماري درست ٿئي ۽ جيڪي ان ۾ خاميون آهن اُهي درست ڪيون وڃن ۽ سنڌ جا خدشا ختم ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو