سنڌ تي حملو ٿيو ته پي پي سنڌ جي عوام سان گڏ هوندي، شاهه

سنڌ تي حملو ٿيو ته پي پي سنڌ جي عوام سان گڏ هوندي، شاهه

دادو/جوهي (نمائندن وٽان) جمعي ڏينه سند جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ واپڊا چيئرمين ڌار ڌار دادو ّلعي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ويو. وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برسات ۽ نئن جي پاڻي سبب ڪاڇي جا روڊ تباهه ٿي ويا، حڪومت پهرين رليف جو ڪم ڪري رهي آهي، اُن کانپوءِ متاثرن جي بحالي وارو آپريشن شروع ڪيو ويندو، ايف پي بند کي 8 گهارا لڳا هئا، جيڪي بند ڪرڻ بعد ايف پي بند جي مضبوطي جو ڪم جاري آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو، هاڻي به اهڙي قسم جو حملو ٿيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام سان گڏ هوندي، ڪنهن جي به دماغ ۾ اهو خلل نه هجڻ گهرجي ته ڪراچي وفاق حوالي ٿيندو، آئين ۽ قانون ۾ اهڙي ڪابه گنجائش نه آهي، ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن طرفان وڏي وزير جي گاڏي روڪي احتجاج، رليف ۽ ريسڪيو آپريشن شروع نه ٿيڻ جون دانهون، وڏي وزير طرفان ڪاڇي جي متاثرن کي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي.ٻئي پاسي واپڊا چيئرمين رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل مزمل حسين گاج بند تي ڪم رُڪيل هجڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ڪجهه معاملن جون منظوريون نه ٿيڻ سبب ڪم رُڪيل آهي، هاڻي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو، گاج بند کان 2 لک ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ سبب نقصان ٿيو آهي، خوشقسمتي آهي جو ٻوڏ جي وهڪري ۾ گاج ڊئم جي اسٽرڪچر کي نقصان نه پهتو، نئين گاج جي پاڻي طرفان ڪاڇي ۾ تباهي مچائڻ بعد گاج ڊئم جي دوري دوران واپڊا چيئرمين چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جو تمام گهڻو مسئلو آهي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 8 کان 10 مهينن تائين پاڻي نه وڃڻ سبب سمنڊ سوا سئو ڪلوميٽرز تائين زمين کي پائي ويو آهي، جر جو پاڻي کارو ٿي ويو، واپڊا هاڻي سنڌ بئراج ٺاهڻ وڃي رهيو آهي، اُن بعد سنڌ ۾ پاڻي جا مسئلا حل ٿي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو