حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ عبداللہ ٻپڙ، مير پرويز دائودپوٽو ۽ سنڌو مڱڻھار پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته هٿرادو ٻوڏ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب سنڌي ماڻهو اڳ ۾ ئي معاشي طور تباه ٿي ويا آهن مٿان وري خريف جي فصلن لاءِ پاڻي ڪون ٿو ملي. سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب جي جاگيردارن ۽ ڪامورن حوالي ڪيو ويو آهي. پنجاب ۾ ٻوڏن لاءِ ٺاهيل واهه ۽ ڪينال ٻارهوئي وهايا پيا وڃن. سنڌ ۾ 90 سيڪڙو کان به وڌيڪ پاڻي جي کوٽ هئڻ باوجود پنجاب جي فلڊ ڪينالن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب سنڌ جا فصل سڪي ويا آهن، جنهن ڪري سنڌ ۾ کاڌ خوراڪ جي شديد کوٽ ٿيندي ۽ وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ارسا جو ادارو پنجاب جي حڪمرانن جي منشي طور ڪم ڪري رهيو آهي. پنجاب جو حڪمران طبقو سمورن پاڻي معاهدن ۽ ملڪي توڙي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ 50 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ڄاڻائي وئي آهي، جڏهن ته دريائي وهڪرن ۾ قدرتي طور ڪا به گهٽتائي ناهي آئي، درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن جي ايوريج ساڳي آهي، بلڪه گرمي پد وڌڻ سبب اڃا به پاڻي جهجهي مقدار ۾ وڌيو آهي. دريائي نظام ۾ پاڻي وڌڻ باوجود سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڇو پئي ٿئي؟ ڊي ڊبليو سميت مختلف عالمي ساک رکندڙ ادارا تحقيقي رپورٽون شايع ڪري چڪا آهن ته سنڌو دررياءَ ۾ قدرتي طور پاڻي جي ڪا به کوٽ ناهي. انڊس ڊيلٽا سسٽم ۾ پاڻي وڏي مقدار ۾ اچي رهيو آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي سنڌ جي زراعت ۽ صنعت تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. ٻي پاسي عوامي تحريڪ جي سربراهه، سنڌو درياءَ جي وڪيل، گذريل ڏيڍ صديءَ کان سنڌ جو پاڻي چوري ڪندڙ پنجاب جي حڪمران طبقي کي عوام اڳيان وائکو ڪندڙ، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا بند ڪرائڻ لاءِ سنڌي عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ جهر جهنگ جهاڳيندڙ، سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري، سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن جي نيلامي، پاڻي تي ڌاڙن ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف عوامي تحريڪ جي ڪيل لانگ مارچن جي اڳواڻي ڪندڙ، سنڌي، پنجابي، بلوچن ۽ پشتونن سميت سمورين قومن جي پورهيتن، مظلومن، هارين ۽ مزدورن کي منظم ڪري گڏيل جدوجهد ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجي صاحب جي پنجين ورسي جون تياريون جاري آهن. عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن طرفان مختلف سياسي سماجي اڳواڻن کي دعوتون ڏنيون پيون وڃن. 7 جون تي پليجي صاحب جي آخري آرامگاه تي لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ عوام کي شهرن، چوڪن ۽ ڳوٺن ۾ هزارين هينڊ بل ورهائي شريڪ ٿيڻ جو سڏ ڏنو پيو وڃي.










