سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي بحريا ٽائون خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(بيوروچيف  عبدالوحيد  ابڙو) سنڌ جي قديمي ڳوٺن تي بحريه ٽائون جي والار ۽ ڌرتي ڌڻين کي تشدد جو نشانو بڻائي گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي سنڌي ادبي سنگت ضلعي لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ پاران قائد اعوام قائد عوام پريس ڪلب لاڙڪاڻو اڳيان شاعرن اديبن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آڊيٽر قادر جاگيراڻي پروفيسر ملهار سنڌي عزيز قاسماڻي ستار هليو ناياب سرڪش ۽ ٻين شاعرن توڙي اديبن خطاب ڪندي چيو ته دهشتگرد ملڪ رياض ڌرتي ڌڻين مٿان گوليون هلائي رهيو آهي پر سنڌ حڪومت قبضا گير هي ڌر بڻيل آهي سنڌ جا اديب دانشور ۽ قلمڪار ڌرتي ڌڻين خلاف ظلم خلاف سراپا احتجاج آهن اسان ڌرتي جي انچ تي به قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين، ظلم جي انتها آهي جو سنڌ حڪومت جا آفيسر ۽ پوليس قبضا گير ملڪ رياض جي ٽولي سان گڏجي ڌرتي ڌڻين مٿان ظلم ڪري رهي آهي ڌرتي ڌڻين جا هٿ پير ٻڌي اسرائيل وارو ظلم ورجايو ٿو وڃي اسان مطالبو ٿا ڪريون ته بحريه ٽائون هي سربراهه ملڪ رياض مٿان دهشتگردي ۽ قبضا گهيري جو ڪيس داخل ڪري کيس ٽولي سميت گرفتار ڪري سنڌي ماڻهن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو احتجاج ۾ ايم بي ابڙو لياقت ميراڻي جميل ميمڻ يونس لهر شعيب چانڊيو احمد علي صابر چانڊيو عوامي شهري اتحاد جو اڳواڻ اياز جعفري ڊاڪٽر طارق سومرو چيئرمين عام انسان پارٽي انور علي ڊومڪي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جو يار محمد چانڊيو محمد مٺل چانڊيو لطف چانڊيو غلام اڪبر چانڊيو سميت شاعرن اديبن قلمڪارن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي.سنڌي پورهيت سنگت پاران بحريه ٽائون جي آڙ ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضي ۽ سنڌي ماڻهن مٿان حملن خلاف ڪالهه ٻئي ڏينهن به قائد عوام پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن سراج ڪلهوڙو محمد علي ابڙو خالق ڪلهوڙو ڊاڪٽر ارشد ممتاز علي ۽ ٻين چيو ته ملڪ رياض ٽولي بحريه ٽائون جي نالي ۾ سنڌ مٿان جنگ مڙهي آهي سنڌي ماڻهن کي پنهنجن گهرن مان ٻڌي کنڀيو وڃي ٿو جيئن ڪي غير ملڪي حملا ڪري ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي وطن مان بيدخل ڪندا آهن هنن چيو ته سنڌ سرڪار اڄ به ملڪ رياض جي وانگاري آهي جو سندس انهن ڪرتوتن هوندي به ملڪ رياض جو نالو کڻڻ لاءِ تيار نه آهن هنن چيو ته سنڌي ماڻهن کي قومي بنيادن تي متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ گهرجي جيڪا ئي ڪاميابي جي واٽ آهي اسين مطالبو ٿا ڪريون ته ملڪ رياض ۽ سندس ٽولي خلاف سخت کان سخت ڪاروائي ڪري ڌرتي ڌڻين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.قومي عوامي تحريڪ پاران مرڪزي سڏ تي بحريه ٽائون خلاف قائد عوام پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن هٿن ۾ تنظيمي جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي ان موقعي تي ضلعي صدر ايڊووڪيٽ جميل احمد ميمڻ ايڊووڪيٽ غلام شبير جتوئي جميل احمد لاڙ ڪامريڊ ممتاز سومرو اسلم سومرو ذيشان کوکس ۽ ٻين چيو ته ملڪ رياض ۽ زرداري مافيا سنڌ حڪومت جي سهڪار سان سنڌي ڳوٺن تي حملا ڪري سنڌي ماڻهن تي گوليون هلائي سنڌين کي ڪراچي مان بي دخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڇي دنيا جي نقشي تي هڪ وڌيڪ اسرائيل ٺاهي وطن ڌڻين کي بي گهر ڪري سندن جا اجها بلڊوز ڪيا پيا وڃن جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي ان خلاف سنڌ جا وطن دوست ماڻهو رڪ جي ديوار ٿي بيهندا ۽ بحريه ٽائون خلاف سنڌ ۾ سگهاري جدوجهد ڪئي ويندي هنن مطالبو ڪيو ته ملڪ رياض ۽ سندس ساٿارين خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو