سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ۽ عبدالله شاهه غازي ڳوٺ تي ڪاهه!

سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ۽ عبدالله شاهه غازي ڳوٺ تي ڪاهه!

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
اها ڳالهه حقيقت بڻجي چڪي آهي ته سنڌ سدائين يتيم خانو ئي رهي آهي، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو هتي اچي نه صرف قبضاگير بڻيل آهن بلڪه سنڌ جي مٿان معاشي بار وڌائڻ جو ڪارڻ به بڻيل آهن، انهن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي ته اهي ڇا وقتي طور تي هتي ترسيل آهن يا انهن جو مستقبل رڳو سنڌ ئي آهي، صورتحال اها آهي جو هن وقت سنڌ ۾ افغاني پٺاڻ تمام تيزي سان آباد ٿي رهيا آهن، افغانستان مان آيل افغاني نه صرف آساني سان شناختي ڪارڊ ٺهرائي هتان جا مستقل رهائشي ٿي رهيا آهن، بلڪه پوري سنڌ جي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري يا سنڌي ماڻهن کان انهن کي ٻڌايل رقم کان به وڌيڪ پئسا ڏيئي انهن کان جڳهون، پلاٽ حاصل ڪري رهيا آهن ۽ انهن علائقن مان سنڌي ماڻهن کي دربدر ڪري رهيا آهن، ڪراچي جو ال آصف اسڪوائر ان جو سڀ کان وڏو مثال آهي. هاڻ ته سنڌين جي خلاف اها سازش ان حد تائين پهچي وئي آهي جو سنڌين جون وسنديون ڊاهيون پيون وڃن، تازو ڪراچي جي ڳوٺ غازي خان کي ڊاهڻ جو اشو تمام وڏو ٿي چڪو آهي، جنهن خلاف سنڌ جا قومپرست اڳواڻ ۽ سندن تنظيمون سراپا احتجاج بڻيل آهي، پر ان جي هوندي به سنڌ سرڪار جي ڪن تي جونءِ به ڪانه ٿي چُري.
بهرجال، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ڪو نئون مسئلو ڪونه آهي، هتي 1947ع کان هي سلسلو جاري آهي جيڪو اڃا تائين بند نه ٿي سگهيو آهي ۽ مسلسل ڌارين جي آبادڪاري نه رڳو سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪري رهي آهي پر انهن جا حق به کاڄي ٿي رهيا آهن، جنهن ڪري اڄ پنج هزار سال پراڻي تهذيب رکندڙ سنڌي قوم تباهي جي ڪناري تي پهتل آهي، اڄ سنڌ اندر سنڌين جو هي حال آهي ته سنڌي ماڻهن کي سرڪاري نوڪريون نه ٿيون ملي سگھن، اڄ ڏينهن ڏٺي جو سنڌين کان ملڪيتون ڦري انهن کي بيدخل ڪيو پيو وڃي، هر سنڌي ماڻهو کي بندوق جي زور تي هيسايو پيو وڃي، ااڄ ڌاريا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجا پير کوڙي چڪا آهن، رڳو اهو ئي نه بلڪه هو پنهنجو تنظيمون ٺاهي، سنڌين کي ڪچلڻ جون منصوبابنديون ڪري رهيا آهن. مون کي اقتصادي ماهر قيصر بنگالي جي اها ڳالهه ياد ٿي اچي، جنهن ۾ سندس چوڻ آهي، جنهن جي آئون حمايت ڪريان ٿو ته موجوده حالتن پٽاندڙ ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته ٻين صوبن کان آيل ماڻهن جي آمد، سندن ووٽ. ملڪيت، مستقل رهائش تي پابندي مڙهي وڃي، قيصر بنگالي موجب ٻين صوبن جا ماڻھو جيڪي گھٽ ۾ گهٽ 20 سالن کان سنڌ ۾ رهن ٿا، انھن کي ووٽ ڏيڻ بابت سوچڻ گھرجي؟ باقي ٻين تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي، جيڪڏهن ٻين صوبن مان ماڻھن جي آمد جو سلسلو ائين ئي جاري رهيو ته سنڌ جي ڊيموگرافڪ بلڪل تبديل ٿي ويندي، ان ڪري سنڌ جي باشعور ماڻھن کي هاڻي کان ئي اڳتي اچڻو پوندو.
آئون پڻ ان ڳالهه سان سهمت ڪريان ٿو ته ايتري وڏي تعداد ۾ پختونن جي سنڌ ڏانھن لڏپلاڻ انتھائي خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري سگھي ٿي ۽ جيڪڏهن اهي اهڙي طرح سنڌ ۾ ايندا رهيا ته پندرهن کان 20 سالن اندر سنڌ اسيمبليءَ ۾ سندن 25 نمائندا چونڊجي اچي ويندا، پوءِ پاڻ پيا پٺاڻڪي ٻُڌنداسين! بهرحال، اڄوڪي صورتحال سنڌ ۾ مذھبي انتھاپسندي ۽ قتل غارت، ڌرتي ڌڻين جي دربدري سنڌ ۾ گئس تيل ڪوئلي جي رٿائن اين ايل سي سميت مختلف قسمن جي رٿائن پورٽ قاسم اسٽيل مل ۽ ڪراچي اندر مختلف قسمن جي رٿائن پروجيڪٽن ڪمپنين ۾ ڌاري آبادڪاري جي ڀرتي ڌرتي ڌڻين جي وسيلن مٿان هڪ وڏو بار آھي، جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. تاريخ جو جائزو وٺڻ سان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن پاڪستان کان بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ وري بنگالين جي لوڌ اچي ڪراچي ۾ ترسي، جيڪي انگ اکر ڌاري آبادڪاري جي تناسب برابر آھي، برما ۾ ٿيل قتل عام کانپوءِ برمين کي ملڪ اندر پناھ ڏيڻ جو سوچو ويو ۽ اھي به سنڌ اندر لڏرائي آندا ويا، مطلب ته سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻايو ويو، هتي ڌارين اچي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ديرا ڄمائي ڪاروبار، ٽرانسپورٽن تي قبضا ڄمايا، اھو ئي ڪارڻ آھي جو اڄ ڪراچي جيڪو سنڌ جي گادي جو ھنڌ ۽ پاڪستان کي پالڻ وارو شھر سڏيو وڃي ٿو، اڄ انھي سنڌ جي گاديءَ واري شھر ڪراچيءَ ۾ سنڌي وسندين کي ڊاهيو ٿو وڃي، جتي ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ سمجھيا وڃن ٿا جيڪڏھن حڪومت ان ڌاري آبادڪاري خلاف وقت سر سخت ايڪشن کني ها ته اڄ هي ءَ صورتحال پيدا نه ٿئي ها. ڪنهن کي جرئت نه ٿئي ها ته هو سنڌين جي ڳوٺن طرف ميري اک سان ڏسن ها، ڌارين جي لوڌ اڄ سنڌ اچي وسيلن مٿان حاوي نه هجي ها.
هن وقت سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جو مسئلو انتھائي ڳنڀير صورتحال پيدا ڪري چڪو آھي ڇو جو هاڻي سنڌ جي اصلوڪن رهواسين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، هڪ جائزي موجب گذريل هڪ صديءَ دوران جنهن رفتار سان سنڌ ۾ غير سنڌي ماڻهو آباد ٿيا آهن، اها رفتار هاڻي پنهنجي اوج تي پهچي چڪي آهي، غازي ڳوٺ هجي يا سنڌين جا ٻيا ڪي ڳوٺ، انهن کي ڊاهڻ جا واقعا معمول بڻجي چڪا آهن، اهڙي طرح ٻاهرين آبادڪاري سنڌ جي ثقافتي قدرن کي پڻ وڏو نقصان پهچايو آهي، سنڌ اڳي ايتري پرامن هئي جو هتي نه معاشرتي نفرتيون هيون ۽ نه ئي مذهبي تفاوت، نه ئي سنڌ ۾ رتوڇاڻ جا واقعا عام هئا، ايتري تائين هندو ۽ مسلمان جو گهر گهر سان گڏ هوندو هو، امن ۽ شانتي ڇانيل هوندي هئي، پر هاڻ ته صورتحال مٽجي وئي آهي، هر ڪو پنهنجون تنظيمون ٺاهي، سنڌين کي پنهنجي ئي ڌرتي تي بي دخل ڪرڻ جون رٿائون جوڙي رهيو آهي، آئون سمجهان ٿو ته ان کان اڳ جو وسيلن مٿان ڌاريا مڪمل قبضو ڪري وڃن ۽ ڪڻو ڪڻو ٿي ماريا وڃون، پنجاب پنھنجي مڪمل بالادستي قائم ڪري وٺي ۽ ڌارين جي لوڌ سنڌين جو وجود ختم ڪري ڇڏي، سڀني سنڌ واسين کي پنهنجون اکيون کولڻيون پونديون.
جيستائين ڪراڍي جي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ جي اي بلاڪ کي ڊاهڻ جو تعلق آهي ته ان واقعي خلاف قومپرست ڌريون ۽ سنڌ واسي گذريل ٻن هفتن کان سراپا احتجاج بڻيل آهن، سنڌ حڪومت ان معاملي جو فوري طور نوٽيس وٺي ۽ اهڙن شرپسندن کي نه صرف قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، بلڪه انهن کي سنڌ مان تڙي واپس سندن ملڪ موڪلڻ گهرجي، سيد جلال محمود شاهه، اياز لطيف پليجو، صنعان قريشي، رياض چانڊيو سميت ٻين قومپرست رهنمائن کي ڀرپور طاقت توڙي اخلاقي ۽ قانوني دليلن سان اڳتي اچڻو پوندو ته جيئن سندن قيادت ۾ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي بقا ۽ وجود کي محفوظ بنائي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو