سنڌياڻي تحريڪ ۽ ٻين جي ريلي، رسول بخش پليجي کي ڀيٽا پيش

سنڌياڻي تحريڪ ۽ ٻين جي ريلي، رسول بخش پليجي کي ڀيٽا پيش

ٺٽو (ن س ) سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي ڪارڪنن موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي پنهنجي عظيم قائد رسول بخش پليجي صاحب کي ڀيٽا پيش ڪئي. سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ طرفان جنگشاهي کان وٺي عوامي تحريڪ جي سربراه قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجي صاحب جي آخري آرام گاه تائين موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي وئي. ريلي کانپوء ڪارڪنن پليجي صاحب جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي کيس سلامي ڏني. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري چيو ته محترم رسول بخش پليجي صاحب هميشه پراڻين ۽ فرسوده روايتن کي ٽوڙي نيون روايتون قائم ڪيون. سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن پليجي صاحب جي ميت جي ڪلهي ڪانڌي ٿي ملڪ بلڪه ايشيا ۾ هڪ نئين روايت قائم ڪئي. جيتوڻيڪ پليجو صاحب هن وقت جسماني طور اسان کان جدا ٿي ويو آهي پر هن جو فڪر ۽ فلسفو، هن جي ڏسيل صحيح قومي ٻڌي واري صحيح واٽ اسان وٽ موجود آهي. پليجي صاحب جا ڪتاب ۽ تقريرون اڄ به عوام جي سياسي شعور وڌائڻ لاءِ ڪارائتيون آهن. فڪر رسول بخش پليجو جي واٽ پاڪستان سميت ٽين دنيا جي ملڪن جي عوام لاءِ راه نجات آهي. هنن چيو ته جنهن سماج ۾ عورتن کي جانورن کان بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو هجي، اهڙي سماج ۾ سنڌياڻي تحريڪ جهڙي پورهيت طبقي جي عورتن جي انقلابي تنظيم ٺاهڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي، هي هڪ انقلاب آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن طرفان موٽر سائيڪل ريلي ڪڍڻ هڪ غيرمعمولي قدم آهي. اسان کي فڪر رسول بخش پليجي حوصلو بخشيو آهي، همت ۽ جرئت ڏني آهي جنهن ڪري اسين اڄ هي ايڏو وڏو غير معمولي ڪم ڪري سگهيا آهيون. رسول بخش پليجي صاحب کي اسين سرخ سلام ٿا پيش ڪريون جنهن سنڌ ۾ ثقافتي، معاشي ۽ سياسي انقلابن جا بنياد وڌا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو