حيدرآباد (ن سنڌيار) هڪ سازش تحت سڄي سنڌ کي ٻوڙڻ، عالمي ادارن ۽ ٻاهرين دنيا کان ملندڙ امداد هڙپ ڪندڙ نااهل حڪمرانن ۽ سندن مقرر ڪيل ڪرپٽ انتظاميا خلاف عوامي تحريڪ طرفان بلال پارڪ مٺي کان ريلي ڪڍي ويئي، جيڪا مختلف چوڪن کان ٿيندي، ڪشمير چوڪ پهتي جتي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ريلي ۾ ميرپورخاص، بدين جي علائقن کان آيل متاثرين عورتن، ٻارن، ٻڍن سميت عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن وڌي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين جي هٿن ۾ مطالبن جون شيٽون کنيل هيون. سنڌ ٻوڙائي زرداري، ناهل انتظاميا نه کپي، سنڌ کي سازش تحت ٻوڙيندڙ حڪمران نامنظور، هٿرادو ڪٽ هڻي سنڌ ٻوڙڻ بند ڪريو، هاڪڙي ۽ پراڻ تان قبضا هٽايو، ملندڙ امداد جا انگ اکر پڌرا ڪيو، هٿرادو ٻوڙايل متاثرين جي واهر ڪريو. جاڳو جاڳو سنڌي جاڳو جي نارن سان مٺي شھر گونجي اٿيو. ڌرڻي کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ وڪيل وسند ٿري خطاب ڪندي چيو ته هي ٻوڏ قدرتي ناهي، سنڌ ۾ وڏيرن هٿرادو ڪٽ هڻي سازش ڪري سنڌ کي ٻوڙايو آهي. اهي حڪمران ۽ ڪامورا ملندڙ مال پاڻ هڙپ ڪرڻ چاهين ٿا. عالمي سطح تي هٿرادو ٻوڙيل سنڌ جي عوام جي تباهي جا منظر ڪيش ڪرائي، مال ميڙي عوام کي پاڻ ۾ وڙهائين ٿا. هڪ منصوبي تحت سنڌي قوم جي مزاحمتي لاڙي جي رخ موڙڻ ۽ ماٺو ڪرڻ لاءِ عوام کي پينو بڻائڻ واري سازش تي عمل ڪيو پيو وڃي. عوام کي پاڻ ۾ وڙهڻ بدران ڦورو ۽ قابض ڪرپٽ وڏيراشاهي ۽ ڪرپٽ انتظاميا خلاف وڙهڻ کپي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اوڀايو جوڻيجي چيو ته ھٿرادو ٻوڙيل ضلعن جا ڊي سي ماڻھن جا ڌڻي ٿيڻ لاءِ تيار ناهن. ٿرپارڪر جي ڊي سي ٻين ضلعن جي ماڻهن کي امداد ڏيڻ کان کتو جواب ڏيئي ڇڏيو آھي. سنڌ سرڪار ضلعن جي ڊي سيز کي اھڙي عوام دشمن ماڻھو مار پاليسين جي ھدايت نھ ڪري، سمورن ضلعن جي انتظاميا کي سمورن ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪرڻ جو وزيراعليٰ سنڌ نوٽيس ڪڍي. اسين مطالبو ٿا ڪيون ٿا ته سمورن ٻوڏ متاثرن تائين امداد پهچايو وڃي ۽ نااهل ڊي سي کي هٽائي شفافيت کي عمل ۾ آندو وڃي. عوامي تحريڪ ضلعي آرگنائيزر وڪيل ديوت راءِ ڳالهائيندي چيو ته سڄي سنڌ ۾ ماڻهن جي صورتحال ڀيانڪ ۽ رحم جوڳي آهي. وڏيراشاهي هر 10 هين سال تي سنڌ کي ٻه ڏهاڪا پوئتي ڌڪيندي آهي. 2010ع ۽ 2011ع واري ٻوڏ کانپوءِ اهي وڏيرا مستقل اقتدار ۾ آهن پر انهن بندن جي مرمت جا به پئسا کائي ڇڏيا. هن وقت صوبائي حڪومت ۾ آهن، وفاق ۾ پڻ آهن پر ماڻهن سان گڏ ناهن. انهن جا فوڪل پرسن پنهنجين ٻنيون بچائڻ ۾ پورا آهن! سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ مرادان ڪلوئي چيو ته مسڪين عورتن وڏي محنت سان سڄي زندگي جي پورهئي مان پنهنجا گهر ٺاهيا، انهن سان انهن جا وڏا خواب سلهاڙيل هئا، جيڪي هٿرادو ٻوڏ لوڙهي وئي. سنڌ جي نياڻين جا مقدر لڙهي ويا آهن. چونڊيل نمائيندا ٻوڏ جي ور چڙهيل عورتن جي مٿي تي هٿ رکڻ لاءِ تيار ناهن. ٻوڏ متاثر ۽ آبادگار تحريڪ جي اڳواڻ اياز کوسي چيو ته سنڌو دريا، هاڪڙي ۽ پراڻ جا قدرتي لنگهه بحال ڪيا وڃن! سڄي ملڪ ۾ ٻاهرين قوتن کان ملندڙ مال شفاف نموني سان اصل مستحق ماڻهن کي ڏنو وڃي. ڌرڻي کي اي، بي چارو، سائينداد هنڱورجو، ديال صحرائي، ڪرشن ميگهواڙ، عمر بجير، وڪيل قيمتراءِ، ڀيرو پياسي، ڀورا لال ڀيل،ڪشور جئپال ، ٻوڏ متاثر آبادگار اياز کوسو، ٻوڏ متاثر سسئي کوسو، شازيا سنڌي چندر ڪولهي ۽ ٻين خطاب ڪيو.










