سکر (ن س )سنڌو درياءَ ۾ ڪالاباغ، چشمه ۽ تونسا بئراجن تي وچولي درجي جي ٻوڏ آهي. جڏهن ته تربيلا ۽ گڊو بئراجن تي گهٽ سطح جي ٻوڏ آهي.فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن لاهور موجب، ڪابل درياءَ ۾ نوشهره تي گهٽ سطح جي ٻوڏ آهي.ساڳئي طرح، ستلج درياءَ ۾ هيڊ سليمانڪي ۽ گنڊا سنگهه والا تي گهٽ سطح جي ٻوڏ آهي.ٻئي طرف، خيبرپختونخواه ۾ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 328 تائين پهچي ويو آهي. 31 آگسٽ تائين 8 ضلعن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.










