سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف مشاعرو، مزاحمت جو اعلان

سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف مشاعرو، مزاحمت جو اعلان

نئون ديرو(ن س) سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ خلاف جتي سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي اتي رتيديري جا ڏات ڌڻي پڻ ميدان تي اچي ويا آهن ۽ هنن درياھ تي ڌاڙي خلاف قلمي مزاحمت جو اعلان ڪيو آهي, ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي رتوديرو پاران ”العباس ادبي منزل“ تي مزاحمتي مشاعري جي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ ناميارن شاعرن ۽ سگهڙن مشتاق بخاري, سانول ميرالي, ساقي ابڙو, ارشاد عرضائي، اختيار شاه, شاهنواز شيدائي, ربنواز پريو, نثار جويو, ميرحسن مھيسر, اسد عجيب ابڙو, سميع ميمڻ, مير ارشد ابڙو حسنين عباس ابڙو ۽ ٻين زبردست قومي ۽ مزاحمتي شاعري پيش ڪئي جڏهن ته ناميارن فنڪارن عالمگير سولنگي ۽ سليم رضا جلباڻي پنھنجي خوبصورت آواز ۾ قومي گيت ڳائي مشاعري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔ مشاعري واري تقريب کي خطاب ڪندي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري مشتاق ڀٽو سانول ميرالي ۽ ٻين چيو ته سنڌو اسان جو جياپو آهي جنھن تي 6 نوان ڪئنال اڏي ڌرياھ تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي جيڪو ڪنھن به صورت ۾ قبول ناهي. ان موقعي تي سنگت پاران اعلانيل ”ثقافتي ڏهاڙو“ ڀرپور انداز سان ملهائڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو