پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جي جسٽس ايس ايم عتيق شاهه 30 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو.پشاور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ 14 مارچ تي مختصر فيصلو ٻڌايو.عدالت تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ کي صوبي تائين مخصوص سيٽن جا ڪيس ٻڌڻ جو اختيار حاصل آهي، مخصوص سيٽن جي ورهاست جو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آرٽيڪل 51 جي تحت آهي.پشاور هاءِ ڪورٽ تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته مخصوص سيٽن جي لسٽ مقرر وقت کان پوءِ پيش نٿي ڪري سگهجي، درخواستگذار اعتراض ڪيو ته مخصوص سيٽن کي ٻين سياسي پارٽين ۾ ورهائي نٿو سگهجي.تفصيلي فيصلي ۾ عدالت چيو آهي ته سني اتحاد ڪائونسل عورتن جي مخصوص سيٽن جي حقدار ناهي، درخواست رد ڪئي وڃي ٿي، عام چونڊن ۾ هڪ به سيٽ نه کٽيندڙ پارٽي مخصوص سيٽن جي اهل ناهي.پشاور هاءِ ڪورٽ پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ سياسي جماعت کي مخصوص سيٽن جو حق حاصل آهي، اهو دليل غير آئيني آهي ته مخصوص سيٽون ٻين پارٽين کي نٿيون ڏئي سگهجن.سپريم ڪورٽ پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن کي آئيني طريقي سان ورهايو، سني اتحاد ڪائونسل اڳ ۾ مخصوص سيٽن جي لسٽ جمع نه ڪرائي هئي.










