ورڪشاپ (اياز لطيف شر ) منگلي ٿاڻي جي حد اوڍ شريف ۾ زمين جي تڪرار تان سمان ۽ بھڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن سميت ست ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال سانگهڙ پھچايو ويو. جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي. زخمين ۾ غلام نبي بهڻ مور بهڻ غلام حسين سمون عورتن ۾ حاجاڻي، نديمان، ڦاپان ۽ راستي سمون سخت زخمي ٿي پيا. معلوم ٿيو آهي ته جهيڙو سرڪاري نارا ڪينال جي ڪپر جي زمين تان پيش آيو اڃان تائين واقعي جو ڪو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو جھيڙي واري ھنڌ پوليس پڪٽ قائم ڪئي آهي.










