اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت اڄ کان سموري ملڪ ۾ يوٽيليٽي اسٽور بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پارلياماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو جنهن ۾ يوٽيليٽي اسٽور ڪارپوريشن جا عهديدار به شريڪ ٿيا. هن ڳالهيون ڪندي چيو ته يوٽيليٽي ڪارپوريشن جو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار رهيو. يوٽيليٽي اسٽورز پاڪستان ۾ 1971 ۾ قائم ڪيا ويا هئا. يوٽيليٽي ڪارپوريشن جو خسارو گهٽ ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته سمورين ڪوششن جي باوجود خسارو گهٽ نه ٿيڻ جي صورت ۾ يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي بند ڪيو ويو. وزيراعظم جي هدايت موجب اڄ 31 آگسٽ تي يوٽيليٽي اسٽورز بند ڪيا پيا وڃن.طارق فضل چوڌري چيو ته يوٽيليٽي اسٽورز جي ملازمن جو انگ 11 هزار 614 آهي، يوٽيليٽي اسٽورز جي ملازمن لاءِ گڏيل پيڪيج تيار ڪيو ويو آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ملامن کي گڏيل طور تي 28 ارب روپين جو پيڪيج ڏنو پيو وڃي.پارلياماني معاملن واري وزير چيو ته سموري ملڪ ۾ يوٽيليٽي اسٽورز جي اثاثن کي نيلام ڪيو ويندو. يوٽيليٽي اسٽورز جي ملازمن جي حقن جو تحفظ يقيني بنايو ويو آهي. يوٽيليٽي اسٽورز جي ڪانٽرڪيٽ ملازمن کي به پيڪيج ڏنو پيو وڃي.










