سموري ملڪ ۾ فيول سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو

سموري ملڪ ۾ فيول سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تيل جي عالمي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب ۽ وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ حڪومت سموري ملڪ ۾ فيول سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.رپورٽ موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ قومي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ستين اجلاس ۾ اهو اهم فيصلو ڪيو ويو.اجلاس جي دوران موٽر سائيڪل سوارن، ننڍن هارين، پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ جي لاءِ سبسڊي پروگرام جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم جي منظوري سان سمورن صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ فيول سبسڊي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هوڏانهن اسحاق ڊار جي هدايتن تي عوامي خدمتن جي بهتري لاءِ ڊيٽا ۽ ورهاست جي نظام ۾ ڪوتاهيون ختم ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو