سڀني ڪيسن ۾ گرفتاري روڪڻ لاءِ خان جوعدالت سان رابطو

سڀني ڪيسن ۾ گرفتاري روڪڻ لاءِ خان جوعدالت سان رابطو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سڄي ملڪ ۾ داخل ڪيسن ۾ گرفتاري روڪڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري ذريعي وفاق، اسلام آباد سميت چئني صوبن جي پوليس آءِ جيز ۽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کي به ڌر بڻايو ويو آهي.عمران خان پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي تبديلي کانپوءِ درخواستگذار کي مسلسل پوليس جو نشانو بڻايو پيو وڃي، وزيرآباد ۾ قاتلاڻو حملو ٿيو ۽ سندس جان کي سخت خطرو آهي، جڏهن ته خدشو آهي ته عدالتي ڪارروائي لاءِ اسلام آباد پهچڻ تي گرفتار ڪيو ويو.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انصاف تائين رسائي ۽ فيئر ٽرائل سميت ٻين بنيادي حقن کان انڪار ڪيو پيو وڃي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عمران خان خلاف سڄي ملڪ ۾ داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪيا وڃن، گرفتاري عدالت جي اڳواٽ اجازت سان مشروط ڪئي وڃي ۽ سڄي ملڪ ۾ داخل ڪيسن جو رڪارڊ ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو