ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نوجوان رتڪ ڪمار جي بازيابي لاءِ شٽربند هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا ميرپورماٿيلو، حيات پتافي، جروار سميت مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪرڻ بعد ڌرڻا هنيا پيا وڃن، ڪاروبار بند رکيو ويو مظاهرين جو چوڻ هو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نٿي ڪري اڳواڻن مطالبو ڪيو ته رتڪ ڪمار 35 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويو، ڌاڙيل هڪ ڪروڙ ڀُنگ گهري رهيا آهن مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته غريب آهيون، هڪ ڪروڙ رپيا ڪٿان آڻيون، معصوم جي حياتي کي خطرو آهي، رتڪ ڪمار کي آزاد ڪرايو وڃي










