سموري دنيا ۾ ايڪس سروس ڊائون ٿيڻ جون شڪايتون

سموري دنيا ۾ ايڪس سروس ڊائون ٿيڻ جون شڪايتون

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)سڄي دنيا ۾ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) جي ڊائون ٿيڻ جون شڪايتون مليون آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب سوشل ميڊيا مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ۽ موبائل ايپليڪيشن ٻنهي جي سروس بند ٿيڻ جون شڪايتون صبح 11 وڳي سامهون آيون.ميڊيا رپورٽن موجب ايڪس تي ويندڙ صارفين باقاعده ٽوئيٽس جي بدران ”ويلکم ٽو يور ٽائم لائن“ لکيل ڏٺو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سوشل نيٽ ورڪنگ سائيٽ تي ڪو وڏو مسئلو پيدا ٿي ويو آهي.ايڪس مانيٽرنگ ويب سائيٽ ڊائونڊٽڪٽر موجب، ايڪس جي سروس متاثر ٿيڻ بابت سڄي دنيا مان 70,000 شڪايتون مليون.

پهنجو تبصرو موڪليو