سڀني ڪورٽ رومز  ۾ لائيو اسٽريمنگ سروس فراهمي جو فيصلو

سڀني ڪورٽ رومز ۾ لائيو اسٽريمنگ سروس فراهمي جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سمورن ڪورٽ رومز ۾ لائيو اسٽريمنگ سروس فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب لائيو اسٽريمنگ سروس چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي خاص هدايت تي ڪئي پئي وڃي ۽ لائيو اسٽريمنگ سروس سائلن جي رضامندي سان مشروط هوندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عورت درخواستگذار جي رضامندي سان ڪيس جي ٻڌڻي کي راز ۾ رکيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اوورسيز پاڪستاني به پنهنجي ڪيسن جي ٻڌڻي سڌو سنئون ڏسي سگهندا.لائيو اسٽريمنگ سروس لاءِ گهربل ڪئميرا ۽ ٻيو سامان خريد ڪرڻ جو جائزو ورتو پيو وڃي.ذريعن موجب ڪميٽي لائيو اسٽريمنگ لاءِ سفارشون تيار ڪري حتمي منظوري لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان کي موڪليندي.

پهنجو تبصرو موڪليو