لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي صدر پرويز الاهي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سميت سمورن پراڻن اتحادين سان رابطا بحال ٿي چڪا آهن.پنهنجي هڪ بيان ۾ چوڌري پرويز الاهي چيو ته ايم ڪيو ايم کي پي ڊي ايم کان اتحاد جو سياسي طور تي تمام گهڻو نقصان ٿيو. ايم ڪيو ايم ۾ اها سوچ موجود آهي ته پي ڊي ايم سان وڌيڪ هلڻ جو ڪوبه فائدو ناهي.هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان حڪومت ۽ جي ڊي اي ۾ به آئين ۽ ملڪ دشمن پاليسين تي سخت خدشا آهن. عمران خان جلد سمورين پارٽين جو اجلاس گهرائي آئنده جو لائحه عمل بڻائيندو.هن چيو ته پي ڊي ايم جي غير آئيني مطالبن تي ٻڌل پڌرائي سپريم ڪورٽ جي معاملن ۾ کليل مداخلت آهي. حڪومتي پڌرائي ۾ سپريم ڪورٽ خلاف ڌمڪي ۽ توهين جوڳي زبان استعمال ڪئي وئي. چونڊون روڪرائڻ جي لاءِ حڪومت جو آخري طريقو به ناڪام ثابت ٿيندو.










