سمورن سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ ڇنڇر جي موڪل بحال

سمورن سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ ڇنڇر جي موڪل بحال

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سمورن سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ ڇنڇر جي ڏينهن جي موڪل بحال بحال ڪري ڇڏي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي منظوري سان صوبي جي سمورن سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي موڪل هوندي.سنڌ جي تعليم کاتي جي ترجمان موجب انهي فيصلي جي تحت تدريسي اوقات ۾ هڪ ڪلاڪ جو اضافو ڪيو ويندو ته جيئن تعليمي سرگرميون موثر انداز ۾ جاري رهي سگهن.ترجمان ٻڌايو ته اهو فيصلو سنڌ حڪومت جي ڪفايت شعاري قدمن تي عملدرآمد ۽ دستياب وسيلن جي موثر استعمال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.سنڌ جي تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل سومر کان جمعو 5 ڏينهن لاءِ هوندو. فيصلو سمورن سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن تي به لاڳو هوندو.ياد رهي ته انهي کان اڳ سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪندي ٻڌايو هو ته سنڌ جا سمورا سرڪاري اسڪول ڇنڇر جي ڏينهن به کليل رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو