سڀ ڪيس آئيني بينچن ڏانهن نه موڪليو، اسان وٽ به رهڻ ڏيو

سڀ ڪيس آئيني بينچن ڏانهن نه موڪليو، اسان وٽ به رهڻ ڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سوئي نادرا جي اوور بلنگ ڪيس اڪلائي ڇڏيو.جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ سوئي ناردرن گئس جي اوور بلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي اڃا تائين ملتوي آهي. 26هين آئيني ترميم کانپوءِ هاڻي ڪيس آئيني بئنچ ڏانهن ويندو.جسٽس منصور علي شاهه مسڪرائيندي چيو ته سمورن ڪيسن کي آئيني بينچن ڏانهن نه وڃڻ گهرجي، ڪجهه ڪيس اسان وٽ ئي رهڻ ڏيو.جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ان ڪيس ۾ ڪو به آئيني يا قانوني سوال ناهي.سپريم ڪورٽ چيو ته التوا واري ڪيس ۾ درخواستگذار سوال اٿارين.

پهنجو تبصرو موڪليو