ڪراچي (رپورٽر): ڪراچي جي علائقي سمن آباد ۾ ضلعي انتظاميا ۽ پوليس پاران قائم حددخلين خلاف آپريشن دوران مڇريل هوٽل مالڪن پاران حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او حيدري مارڪيٽ زخمي ٿي پيو.پوليس موجب آپريشن دوران هوٽل مالڪن ۽ سندن ڪارندن اچانڪ پوليس تي لٺين ۽ پٿرن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او حيدري مارڪيٽ، هڪ پوليس سپاهي ۽ ٽائون ميونسپل انتظاميا جا ڪجهه اهلڪار زخمي ٿي پيا.پوليس فوري ڪارروائي ڪندي حملي ۾ ملوث 3 جوابدارن کي موقعي تان ئي گرفتار ڪري ٿائي منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي.










