سمنڊ مان ’ريئر ارٿ منرلز‘ ڪڍڻ جي ٽيڪنالاجي تي ڪم تيز

سمنڊ مان ’ريئر ارٿ منرلز‘ ڪڍڻ جي ٽيڪنالاجي تي ڪم تيز

ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)آمريڪا ۾ سائنسدانن سمنڊ مان ليٿيم، ميگنيشم ۽ ڪوبالٽ سميت ’ريئر ارٿ منرلز‘حاصل ڪرڻ جي نئين ٽيڪنالاجي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندن اندازي موجب سامونڊي پاڻي جو صرف 0.1 سيڪڙو حصو ئي ايندڙ 50 هزار سالن تائين سڄي انسانيت جي ضرورتن لاءِ ڪافي اهم معدنيات فراهم ڪري سگهي ٿو.
آمريڪا جي پئسفڪ نارٿ ويسٽ نيشنل ليبارٽري (PNNL) جي سائنسدانن جو خيال آهي ته دنيا جا سمنڊ اهم معدنيات جا سڀ کان وڏا، پر اڃا تائين اڻ استعمال ٿيل، ذخيرا رکن ٿا. انهن معدنيات ۾ ليٿيم، ميگنيشيم، مينگنيز، ڪوبالٽ ۽ ريئر ارٿ ايلمينٽس شامل آهن، جيڪي اليڪٽرانڪس، بيٽرين ۽ صاف توانائي جي ٽيڪنالاجي لاءِ انتهائي ضروري آهن.
هاڻي آمريڪي توانائي کاتي جي هائيڊرو پاور اينڊ هائيڊروڪائنيٽڪ آفيس جي سهڪار سان محقق سمنڊ جي پاڻي مان اهي معدنيات ڪڍڻ جا طريقا تيار ڪري رهيا آهن.
هي خيال نئون ناهي. ٻي عالمي جنگ دوران آمريڪا پنهنجي ضرورت جو وڏو حصو ميگنيشيم سمنڊ جي پاڻي مان حاصل ڪندو هو، پر 1990ع واري ڏهاڪي ۾ درآمد ٿيل معدنيات تي ڀاڙڻ شروع ڪيو.
پي اين اين ايل جي ڪيميائي سامونڊي ماهر جيسيڪا ڪراس چيو: “جيڪڏهن اسان سمنڊ جي پاڻي جي صرف 0.1 سيڪڙو حصي مان موجود ميگنيشيم ۽ ليٿيم جهڙا اهم معدنيات مڪمل طور ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون، ته اهي ايندڙ 50 هزار سالن يا ان کان به وڌيڪ عرصي تائين سڄي انسانيت جون ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا.”
سمنڊ جي هيٺان معدنيات جو وڏو خزانو
پي اين اين ايل جي ڪيمسٽ ڊاڪٽر چنمئي سُبّن موجب، سمنڊ جي پاڻي مان اهم معدنيات ڪڍڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ انهن جي انتهائي گهٽ مقدار آهي.
هن ٻڌايو ته ميگنيشيم ته نسبتاً گهڻي مقدار ۾ موجود آهي، پر ليٿيم ۽ نڪل تمام ٿوري مقدار ۾ هوندا آهن، تنهنڪري انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمنڊ جي پاڻي جا تمام وڏا مقدار پروسيس ڪرڻا پوندا آهن.
مثال طور، اولمپڪ سائيز جي هڪ ترڻ جي تلاءَ ۾ لڳ ڀڳ 6 لک گيلن (23 لک ليٽر) سمنڊ جو پاڻي هوندو آهي، جنهن مان تقريباً: 6,570 پائونڊ (2,980 ڪلوگرام) ميگنيشيم، صرف 0.93 پائونڊ (0.42 ڪلوگرام) ليٿيم ۽ رڳو 0.002 پائونڊ (0.00095 ڪلوگرام) نڪل موجود هوندو آهي.
سُبّن چيو: “سمنڊ جي پاڻي جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته دنيا جي تقريباً هر هنڌ ان جي ڪيميائي بناوت لڳ ڀڳ هڪجهڙي هوندي آهي. ان جو مطلب آهي ته جيڪڏهن اسان هڪ هنڌ ڪامياب ٽيڪنالاجي تيار ڪريون، ته ان کي آساني سان دنيا جي ٻين هنڌن تي به استعمال ڪري سگهجي ٿو.”
نئون ري ايڪٽر تيار
هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ محققن هڪ ڪو-فلو ري ايڪٽر تيار ڪيو آهي، جيڪو مسلسل سمنڊ جي پاڻي کي سوڊيم هائيڊرو آڪسائيڊ سان ملائي ٿو.
جتي اهي ٻئي محلول ملن ٿا، اتي اعليٰ معيار جو ميگنيشيم هائيڊرو آڪسائيڊ ٺهي ٿو، جنهن کي آساني سان گڏ ڪري سگهجي ٿو.
هي طريقو ڪيترن ئي ڪيميائي مرحلن کي ختم ڪري ٿو ۽ سڌو ميگنيشيم هائيڊرو آڪسائيڊ تي پهچي ٿو، جيڪو آمريڪي صنعتن ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندو آهي ۽ هن وقت وڏي مقدار ۾ ٻاهرين ملڪن مان درآمد ڪيو وڃي ٿو.
محققن موجب، هي ماڊيولر نظام موجوده ڊي سيلينيشن (سامونڊي پاڻي کي مٺو بڻائڻ وارن) پلانٽن سان گڏ به لڳائي سگهجي ٿو.
هڪ جائزي موجب، جيڪڏهن ڪيليفورنيا جي ڪارلس بيڊ ڊي سيلينيشن پلانٽ سان هي ٽيڪنالاجي مڪمل صلاحيت سان استعمال ڪئي وڃي، ته روزانو لڳ ڀڳ 11 لک 60 هزار پائونڊ (5 لک 24 هزار ڪلوگرام) ميگنيشيم هائيڊرو آڪسائيڊ پيدا ٿي سگهي ٿو، جيڪا آمريڪا جي موجوده روزاني استعمال کان ٽي ڀيرا وڌيڪ آهي.
سمنڊ، بي پناهه موقعن جو ذريعو
تحقيقي ٽيم هاڻي معدنيات ڪڍڻ دوران پيدا ٿيندڙ هر ضمني پيداوار کي به ڪارآمد بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. ميگنيشيم ڪڍڻ کانپوءِ بچيل ڳاڙهي لوڻياٺي پاڻي (برائن) کي بائي پولر ميمبرين اليڪٽرو ڊائلايسس (BPMED) واري عمل مان گذاريو وڃي ٿو، جنهن سان تيزاب ۽ بنيادي ٻيا ڌاتو تيار ٿين ٿا، جيڪي وڌيڪ معدنيات ڪڍڻ ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا.
تيزاب کي ضايع ڪرڻ بدران، محققن ثابت ڪيو ته اهو اوليوين نالي پٿر مان نڪل ڪڍڻ ۾ مارڪيٽ ۾ موجود هائيڊروڪلورڪ ايسڊ کان به وڌيڪ اثرائتو آهي. ليبارٽري تجربن دوران BPMED سان تيار ٿيل تيزاب روايتي تيزابن جي مقابلي ۾ 37 سيڪڙو وڌيڪ مؤثر ثابت ٿيو.
سامونڊي ٻوٽن جي پوک ۾ به فائدو
باقي رهيل ضمني شيون سامونڊي ٻوٽن جي پوک لاءِ پڻ فائديمند ٿي سگهن ٿيون. پي اين اين ايل جي سامونڊي تحقيقي ليبارٽري جي ماهر اسڪاٽ ايڊمنڊسن چيو: “ڪجهه اهم معدنيات سامونڊي گاهه (Seaweed) ۾ آس پاس جي سمنڊ جي پاڻي جي مقابلي ۾ ڏهه لک ڀيرا وڌيڪ مقدار ۾ موجود هوندا آهن.”
اڳين تحقيقن مان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته BPMED واري عمل مان نڪرندڙ هلڪو تيزابي سمنڊ جو پاڻي الجي (Algae) جي واڌ ويجهه کي تيز ڪري سگهي ٿو.
اهڙيءَ طرح مستقبل ۾ اهڙا نظام هڪ ئي وقت معدنيات حاصل ڪرڻ سان گڏ ڪيميڪل، ٻارڻ، ڀاڻ ۽ حياتياتي مادو (Biomass) به پيدا ڪري سگهندا.
جيتوڻيڪ هن ٽيڪنالاجي کي اڃا انجنيئرنگ ۽ خرچن سان لاڳاپيل ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو، پر محققن جو يقين آهي ته هي طريقو مستقبل ۾ اهم معدنيات جي وڌيڪ پائيدار ۽ ملڪي سطح تي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو