سماجي شخصيت ڊاڪٽر امجد ثاقب نوبل انعام لاءِ نامزد

سماجي شخصيت ڊاڪٽر امجد ثاقب نوبل انعام لاءِ نامزد

ڪراچي (وبب ڊيسڪ)پاڪستان جي سماجي شخصيت ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي غير منافع بخش مائڪرو فنانس پروگرام برادر هوڊ جي باني ڊاڪٽر امجد ثاقب کي امن جي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر امجد ثاقب کي غربت جي خاتمي ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ ڪيل ڪوششن تي نامزد ڪيو ويو آهي. نوبل امن انعام 2022 لاءِ سڄي دنيا مان 343 اميدوارن کي چونڊيو ويو آهي، جن ۾ 251 فرد ۽ 92 تنظيمون شامل آهن. ان موقعي تي ڊاڪٽر امجد جو چوڻ هو ته سندس خدمتون اهڙن ايوارڊن کان وڌيڪ حقدار آهن ۽ هو اهي سڀ خدمتون صرف الله جي رضا لاءِ سرانجام ڏئي ٿو.هن چيو ته ڪو به پاڻ کي نوبل انعام لاءِ نامزد نٿو ڪري سگهي جڏهن ته سڄي عمل ۾ لابنگ ناهي. ڊاڪٽر امجد ثاقب چيو ته شايد ڪنهن هڪ ملڪ سندس نالو تجويز ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته انسانيت لاءِ منهنجي ڪيل خدمتون سڄي دنيا ۾ مشهور آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو