ٺل(عبدالنبي شيخ) سماجي تنظيم سگا پاران تعلقي صدر عبدالله نوناري، جنرل سيڪريٽري محمد موسي گولو جي ميزباني هيٺ هائيرسيڪنڊري اسڪول ۾ ٽن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن جو افتتاح مرڪزي صدر سيڪريٽري هيلٿ سگا رفيق احمد سرهيو،نور محمد سيال، سيد بشير احمد شاه، عبدالطيف ڪرٽيو ۽ ٻين ربن ڪٽي ڪيو جنهن ۾ ٻه سو کان وڌيڪ عورتن مردن جي اکين جي چڪاس ڪئي وئي جنهن مان هڪ سو مريضن کي اکين جي آپريشن ڪندي مفت دوائون ڏنيون ويون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سگا جي اڳواڻن چيو ته سگا پاران پوري سنڌ ۾ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي علاج لاءِ مختلف وقتن تي ڪئمپون لڳايون ويون آهن جنهن ۾ هزارين ماڻهن جي اکين جي چڪاس ڪري مفت ۾ دوائون ڏنيون ويون آهن. هنن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سرڪاري سطح تي به اهڙي قسم جون ڪئمپون لڳائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي ته جيئن غريب ماڻهن کي سهولت ملي سگھي. اڳواڻن عبدالله نوناري، محمد موسي گولو چيو ته ٺل ۾ مفت ڪئمپ ٽي ڏينهن جاري رهندي.










