ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته سليڪٽڊ ۽ امپورٽٽڊ واري جنگ ۾ ملڪ مقروض، مهانگائي جو طوفان ۽ عوام رُلي ويو آهي، پنجاب اسمبلي جي واقعي حڪمران اشرافيه جي اصليت قوم جي سامهون وائکي ڪري ڇڏي آهي، سياست عبادت ۽ خدمت جو نالو آهي، پر اڄ حڪمران اشرافيه سياست کي ذاتي دشمني، گارگند، مارڪٽ ۽ مال ٺاهڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي جنهن سان ملڪ جي بدنامي ٿي رهي آهي، ثابت ٿي ويو ته چهرا نه پر نظام بدلائڻ سان ملڪ ۽ قوم جي تقدير بدلجي سگهي ٿي،پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ٿيل معاهدي تي ڳڻتي آهي، گذريل 25 سالن کان جن ڪراچي ۾ قتل عام، ٻوري بند لاشن جي سياست ڪئي انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ مٿان مسلط ڪري ڪراچي جو امن تباه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن جي ڪري سنڌ جي عوام ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. جماعت اسلامي هڪ اصولي ۽ نظرياتي سياست تي يقين رکي ٿي انڪري اسان اسلامي ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ هن مُدي خارج نظام خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ صحافين جي اعزاز ۾ ڏنل سالياني افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته ملڪي ترقي، خوشحالي لاءِ آئين ۽ قانون تي عمل ڪرڻ ضروري آهي، انتخابي اصلاحات سان گڏ اليڪشن ڪميشن کي خودمختار بڻائي ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، جماعت اسلامي سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي،سنڌ حڪومت شهرين جي جان، مال ۽ عزت آبرو جي حفاظت ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي، شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڦُرلُٽ جي وارداتن جي ڪري عوام ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌي رهيو آهي، سنڌ ۾ لاپتا ماڻهن جي تعداد ۾ اضافو ڳڻتي جهڙي ڳالهه ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي، جيڪڏهن ڪنهن قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي ته ان خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي وڃي.اسلام ۽ پاڪستان هڪٻئي لاءِ لازم وملزوم آهن، پاڪستان اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيو هو، پر اڄ 74 سال گذري وڃڻ باوجود هڪ ڏينهن لاءِ به اسلام تي عمل ناهي ڪيو ويو. ان موقعي تي صوبائي اڳواڻ مولانا حزب الله جکرو، محمد مُسلم، ملڪ آفتاب احمد ۽ سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ موجود هئا..#










