سليڪٽيڊ جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي، بلاول

سليڪٽيڊ جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي، بلاول

گهوٽڪي(ن سنڌيار)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جي الٽي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي. پيپلز پارٽي جو عوامي مارچ گهوٽڪي کان پنجاب ۾ داخل ٿي ويو آهي. عوامي مارچ ڪوٽ سبزل کان پنجاب ۾ داخل ٿيو. بلاول ڀٽو مارچ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ۾ چيو ته هي وقت وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جو آهي، سڄي دنيا ڏسندي ته عوام سان ڪير بيٺو آهي ۽ سليڪٽيڊ چور سان ڪير بيٺو آهي. هن چيو ته جمهوريت ۽ انساني حقن تي ڌاڙو هنيو، جنهن عوام جي کيسي، پيٽ ۽ ووٽ کي لٽيو، اهو برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته عوام جي حڪومت ۽ عوامي نمائندا عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ هوندا آهن پر امپائر جي آڱر سان ٺهندڙ حڪومت عوام ڏانهن نه ڏسندي آهي، امپائر جي آڱر کي ڏسندي آهي. عوامي مارچ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته هن ملڪ ۾ رهندڙ عوام ڏکيائين ۾ آهي، جتي به ڏسندو آهي مايوسي ئي نااميدي آهي، هن ڪٺ پتلي ۽ چونڊيل ماڻهوءَ جي زندگي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي. هن چيو ته هن تبديلي جي نالي تي جيڪو معاشي بحران تباهي جي صورت ۾ سامهون آيو آهي اهو توهان جي سامهون آهي، هي تبديلي ناهي پر تباهي آهي، هي نئون پاڪستان نه پر مهانگو پاڪستان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو